اين اي 249: پ پ کانسواءِ سڀني جماعتن ٻيهر ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي : پيپلز پارٽي کانسواءِ سڀني جماعتن اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.ن ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو. ان سلسلي ۾ اڄ جي سي ٽي ڪاليج سائيٽ ڪراچي ۾ سڀني پولنگ اسٽيشنز ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿي چڪو هو پر تڪ مان ڪامياب ٿيندڙ پ پ کانسواءِ سڀني جماعتن ووٽن جي ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.ن ليگ، پي ايس پي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ آر او کي بائيڪاٽ ليٽر جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.تڪ مان ن ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل موجب صبح به آر او چيو فارم 46 نه ڏينداسين، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ فارم تي صحيح تي ڏيکاريو، جڏهن پهريون ٿيلهو کليو ته سيل نه هئي، اسان کي چيو ويو سيل ڪِري پئي هوندي، رڳو پ پ اندر ويٺي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن ۾ وينداسين، چونداسين ٻيهر ڳڻپ دوران جيڪو مذاق ٿي رهيو آهي، ان کي روڪرايو، استعمال نه ٿيل بيلٽ ڳڻڻ ۽ صحيح جي جاچ پڙتال نه پئي ڪرائي وڃي، اسان کي چيو ويو ته رڳو فارم 45 ڏسڻ ڏينداسين، بيلٽ باڪس تي سيل ناهي لڳل.

تحريڪ انصاف اميدوار امجد آفريدي چيو ته پ پ ۽ اليڪشن ڪميشن مليل آهن، تعليم کاتي جا ملازم پريزائيڊنگ آفيسر هئا، ڌانڌلي ٿي آهي، پري پلاڪ اليڪشن ٿي آهي، هاڻ اسان کي فارم 46 نه ڏنو ويو ۽ رڳو 70 پولنگ اسٽيشنز جا فارم 45 ڏنا ويا، فارم 46 بنا ٻيهر ڳڻپ ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ جيستائين اسان کي فارم 46 ۽ سمورين پولنگ اسٽيشنز جا فارم 45 نٿا ڏنا وڃن ري ڪائونٽنگ جو حصو نٿا بڻجي سگهون ۽ ان عمل کي رد ڪيون ٿا، اسان آر او کي درخواست ڏني آهي.هوڏانهن پي ايس پي اميدوار حفيظ الدين جو چوڻ هو ته هتي آر او اليڪشن ايڪٽ جي جانبداري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار حافظ مرسلين چيو ته 80 جي لڳ ڀڳ فارم 45 اسان جي پولنگ ايجنٽ کي نه ڏنا ويا، اسان 9 وڳي کان ٻيهر ڳڻپ لاءِ ويٺا هئاسين.اين اي 249 ۾ ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪندڙ اميدوارن تحريري درخواست آر او وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ن ليگ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي، پاسبان ۽ آزاد اميدوارن طرفان جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فارم 46 ناهن ڏنا ويا، بليٽ بڪ جو ڪائونٽر فائل به موجود ناهي، پولنگ بيگ تي سيل به موجود ناهي،  اسان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي عمل جو حصو نٿا بڻجي سگهون.ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ضمني چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته چونڊ کان اڳ اين اي 249 ڪراچي مان 17 هزار ووٽ ٻين شهرن ۾ منتقل ڪيا ويا، تعليم کاتي مان من پسند آفيسرن کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي آندو ويو، پ پ پنهنجي اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا، اين اي 249 جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي فارم 45 پولنگ ايجنٽن کي نه ڏنا ويا.

پي ٽي آءِ درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته ڌانڌلي سبب ضمني اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

واضح رهي ته اين اي 249 جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار قادر مندوخيل ڪامياب ٿيو هو ۽ ن ليگ جو مفتاح اسماعيل ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته ٻنهي ۾ 683 ووٽن جو فرق آهي.