اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي مان ڪٽوتي قبول نه ڪرڻ جو اعلان، ادارن جي نجڪاري رد، گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ جو مطالبو

ڪراچي :- جمعيت علماءِ اسلام ميزباني ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ 18هين ترميم تحت اختيار ۽ حق هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته 18هين ترميم خلاف ٿيندڙ سازش قومي ٻڌي خلاف سازش آهي، موجوده وفاقي سرڪار پارلياماني نظام جِي مخالف آهي. جيڪا 18هين ترميم کي ختم ڪري صوبائي خودمختياري تي راتاهو هڻڻ چاهي ٿي. اي پي سي ۾ چيو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ملندڙ حصي ۾ ڪا به گهٽتائي قبول نه ڪئي ويندي. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جَي حل لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس هر ٽئين مهيني سڏايو وڃي. اي پي سي ۾ اسٽيل ملز ملازمن جِي برطرفي وارو فيصلو واپس وٺي سپريم ڪورٽ جَي فيصلي تحت معاملو سي سي آءِ ۾ حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ سميت ملڪ جَي مختلف حصن مان گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور بازياب ڪرڻ جو به مطالبو ڪندي چيو ويو ته جيڪڏهن ڪير ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث آهي ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مطالبو ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو شفاف چونڊون قوم کي ڏنيون وڃن، رياستي ادارا ان ۾ مداخلت نه ڪن، بيلٽ باڪس تبديل نه ڪن ۽ عوام جي ووٽ کي شفاف نموني ڳڻيو وڃي، اهڙي قسم جو قوم جيڪو به فيصلو ڪندي اسان کي قبول آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئين پاڪستان صوبن جيوچ ۾ هڪ ميثاق ملي آهي، اڄ به اسان اِهو مطالبو ڪنداسين ته ووٽ قوم جي امانت آهي ۽ اِها قوم کي واپس ڪئي وڃي، اليڪشن شفاف ڪئي وڃي، اِهو دور هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي ته اليڪشن ٿيندي آهي ۽ ان تي اعتراض شروع ٿي ويندا آهن. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪجهه ٻيو چوي ٿو ۽ فوج ڪجهه ٻيو ٿي چوي، يعني رياست ۽ رياستي ادارا هڪ پيج تي ناهن ۽ پوءِ ئي اِهو معاملو وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته سياسي پارٽيون ان وقت رياست جي بقا جي جنگ وڙهي رهيون آهن، هڪ پاسي دنيا ڪووڊ-19 جو مقابلو ڪري رهي آهي ۽ ٻئي پاسي مخالف ڌر پاڪستان ۾ ڪووڊ 18 جو مقابلو ڪري رهي آهي. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه جو چوڻ هو ته حڪومت کي ڪا به پاليسي نظر ۾ نٿي اچي، معاشي طور تي ختم ٿيندا پيا وڃون، ملڪ جي برآمدات ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته گذريل چونڊن کي سمورين سياسي پارٽين رد ڪيو ۽ پنج سال پورا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ قوم کي بد دعا ڏيڻ جي برابر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ آني کي ڪڍڻ سان ڪجهه نه ٿيندو اِهو سڄو ٽوڪرو ئي خراب آهي، مائس آل جي ڳالهه ڪيو. فضل الرحمان چيو ته اسان سمجهڻ کان قاصر آهيو ته جهڙي طرح فاٽا جو انضمام ڪيو ويو اهڙي طرح والاريل ڪشمير جو انضمام ٿئي. جي يو آءِ ف جي سربراهه چيو ته اسان جي پاليسي عجيب آهي، ڪشمير جي محاذ تي فعال آهيون ۽ ڪرتارپور راهدادي جي محاذ تي دوستي ۽ محبت آهي، ٻن محاذڻ تي هڪ ئي يونين سان ٻه مختلف رويا ڇو آهن. پاڪستان ۾ حراست هيٺ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪلڀوشن جو معاملو عدالت ۾ آهي، جيئن ته هو اسان جو دشمن آهي پر پاڪستان جي ئين موجب عدل ۽ انصف جي تحت سمورا معاملن هئڻ گهرجن. مدرسا کولڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن تڪرار ڏانهن نه پيا وڃون