اين ايف سي ايوارڊ ناقابل عمل قرار، 18هين ترميم کانپوءِ وڏن وزيرن وٽ آمرن جيترا اختيار آهن: وزيراعظم

ڪراچي/لاڙڪاڻو:- هين ترميم ۾ وڏن وزيرن کي آمرن جيترا اختيار ملي ويا، ڪجهه مامرن ۾ ته صوبن وٽ وفاق کان وڌيڪ اختيار آهن، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18هين ترميم تحت اختيار صوبن ڏانهن ته منتقل ٿيا پر مڪاني ادارن تائين نه پهچي سگهيا، گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ سنڌي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ خاميون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مالياتي ايوارڊ تحت ورڇ ۾ دفاعي خرچ ڀرڻ کانپوءِ وفاق وٽ 700 ارب رُپين جو خسارو ٿي وڃي ٿو، لاڪ ڊائون ڪرڻ سان بلاول هائوس تي ڪوبه فرق نه پوندو، پر غريب عوام ڪيئن گذارو ڪري سگهندو؟ افسوس آهي جو سنڌ جا وزير اين سي او سي ۾ هڪڙي ۽ پريس ڪانفرنسز ۾ وري ٻي ڳالهه ڪندا آهن، گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ سنڌي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان گورنر راڄ، اٽي بحران ۽ پي ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ جا پروگرامز نشر نه ٿيڻ بابت پُڇيل سوالن جا جواب نه ڏنا. هن چيو ته ارڙهين ترميم ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي، ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي وفاق کان وڌيڪ اختيار آهن، اين ايف سي ۾ سمورا مونجهارا ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ناڻي جي ورڇ سان صوبن کي وڌيڪ رقم ملي ٿي، وفاق وٽ ڪجهه به نٿو بچي، اختيارن جي ورڇ ٽن حصن تي ٿيڻ گهرجي، مراد علي شاهه ڳالهه مڃيندو آهي پر ٻئي ڏينهن بلاول ڪو ٻيو بيان ڏيندو آهي، کين خبر ناهي ته عوام ڪيئن زندگي گذاري پيو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو، جنهن دوران  علي گوهر مهر، سيف الله ابڙي ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، دوري دوران وزيراعظم ضرورتمندن ۾ احساس ڪيش پروگرام تحت رقم پڻ ورهائي.