اين آر او نه پيا ڏيون: نيب آرڊيننس مان ڪنهن کي فائدو ٿيندو يا نه، فيصلو عدالتون ڪنديون: حڪومت

اسلام آباد:-  وزيراعظم جي احتساب بابت معاون خصوصي شهزاد اڪبر قومي احتساب بيورو (نيب) جي قانون ۾ ترميم جي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته ڄاڻايل ترميم جي وسيلي ٽيڪس جا سڀئي معاملا نيب نه بلڪه وفاقي تحقيقاتي ادارو (ايف آءِ اي) ڏسندو. وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته طريقيڪار جو نقص نيب جي دائره اختيار نٿو بڻجي، ان ۾ محڪماڻي ڪارروائي بڻجي ٿي، جڏهن ته نيب جو ڪم ڪرپشن جي روڪٿام آهي ۽ ادارن جي اصلاح ڪرڻي آهي. شهزاد اڪبر واضح ڪيو ته ڄاڻايل ترميم جي تحت جنهن شخص جو پبلڪ آفيس هولڊر سان ڪو واسطو نه هوندو ان تي نيب قانون لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته ليوي، امپورٽ ۽ ٽيڪس ڪيس کي نيب نه ڏسندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي ۽ صوبائي ڪو به ٽيڪس ڪيس هجي نيب جي دائره اختيار کان ٻاهر هوندو پر ٽيڪس ڪيس ايف بي آر ڏسندو ۽ جوابدار کي فوجداري جي سزا ٿيندي. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته آئون موڪلن تي هئس پر نيب جي قانون ۾ ترميم متعلق ڪنفيوزن کي ختم ڪرڻ آيو آهيان. هن تصديق ڪئي ته آرڊيننس کي پارليامينٽ وٽ ئي وڃڻو آهي ۽ گذريل 10 سالن ۾ نيب قانون ۾ تبديل جي خواهش بدنيتي تي ٻڌل هئي، جن تي عمل پيرا نه ٿيو هو. شهزاد اڪبر چيو ته نيب ترميمي ڊرافٽ ڏسڻ بغير ئي تنقيد ڪئي پئي وڃي. معاشري ۾ ڪرپشن جو ناسور ڦهليل آهي ۽ ان جي درستگي جي لاءِ سخت قانونن جي ضرورت آهي. هن چيوته صرف فيصلو ڪرڻ سبب ڪنهن جو ڪيس نيب ۾ ايندو هو ته اها زيادتي هئي. احتساب بابت معاون خصوصي پاڪستان ۾ احتساب قانون سخت ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي. شهزاد اڪبر چيو ته 12 مان هڪ شق اختيارن جي ناجائز استعمال متعلق آهي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال متعلق وضاحت ٿيڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته ائين ناهي ته نيب ترميمي قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن ٽيڪس چور کي رعايت ملندي، بلڪه اهو معاملو لاڳاپيل ادارو ڏسندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته چار صفحاتي ترميمي آرڊيننس جو سيڪشن 4 ٻڌائيندو ته قانون جو ڪٿي عمل ٿيندو. ساڻ ئي هن واضح ڪيو ته نيب ترميمي قانون سان ڪنهن کي ان حڪومت مان ذاتي فائدو نه ملي سگهندو، ان لاءِ احتساب جو عمل ختم ٿيڻ جو تاثر غلط آهي. هن چيو ته ٽيڪسيشن جا سڀئي معاملا ايف بي آر ڏسندو، جڏهن ته اداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. شهزاد اڪبر ٻڌايو ته نيب کانپوءِ ايف آءِ اي جي لاءِ به اهڙي طريقي سان ئي عمل جي شروعات ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته نيب قانون جو ٻه قسمن جي ماڻهن ۽ ٽرانزيڪشن تي لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته جتي لفظ ڪرپشن ايندو اهو هاڻ به نيب جي پهچ ۾ هوندو. ٻئي پاسي ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به اين آر او نه پيا ڏيون. هن چيو ته نيب قانون ۾ ترميم (ن) ليگ جو پراڻو مطالبو آهي. هاڻ واويلا ڇو پئي ڪئي وڃي؟ آرڊيننس آڻڻ جو مقصد ڪرپشن تي پردو وجهڻ يا اين آر او ڏيڻ ناهي. حڪومت جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي، ملڪ ڦريندڙن جي لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي برقرار آهي. هن چيو ته ڪنهن به ڪرپٽ سان گڏ نه آهيون ۽ ڪنهن کي به اين آر او نه پيا ڏيون، هن چيو ته حڪومت تجويز ڏني آهي ته جتي پبلڪ مني ۾ ڪرپشن نه ڪئي آهي انهن سان ڊيل ڪئي وڃي، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته آئين ۾ ادارن جو ڪردار وڏو واضح آهي، ايگزيڪٽو کي گهرجي ته عدليا جي آزادي کي تسليم ڪري ۽ عدليا پڻ ايگزيڪٽو کي تسليم ڪري.