اينڪرپرسن قتل معاملو، 5 رڪني ڪميٽي قائم، شروعاتي رپورٽ پڌري

ڪراچي :- اينڪرپرسن مريد عباس سميت 2 ڄڻن جي قتل جي واقع تي جاچ لاءِ  5 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي ڊيفنس ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل اينڪرپرسن مريد عباس سميت 2 ڄڻن جي قتل جي واقعي تي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽ قائم ڪري ڇڏي.ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جي سربراهي ايس ايس پي طارق ڌاريجو ڪندو، ڪميٽي ۾ ايس ايس پي سائوٿ، ايس پي ڪلفٽن، ايس ايڇ او درخشان ۽ ايس آءِ يو درخشان شامل آهن.ڊي آءِ جي سائوٿ موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته تڪرار 20 ڪروڙ جو هو، عاطف زمان پرڏيهي مان ٽائر امپورٽ ڪندو هو.ڊي آءِ جي سائوٿ چيو ته جوابدار عاطف زمان کي هوش اچي ويو آهي، 24 ڪلاڪن ۾ ڪيس کي حتمي مراحلن ۾ کڻي وينداسين.