ايم ڪيو ايم طرفان نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش

اسلام آباد :- ايم ڪيو ايم پاڪستان ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ  لاءِ صوبائي اسيمبلي جي رضامندي جا اختيار ختم ڪرڻ بابت بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن جي پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي طرفان حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي بل جي سخت مخالفت ڪئي.

قومي اسيمبلي ۾ايم ڪيو ايم  جي ميمبر ڪشور زهره ۽ امين الحق نوان صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان اختيار صوبائي اسيمبلي کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ بابت بل پيش ڪيو.

پيش ڪيل بل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق 4 کي ختم ڪيو وڃي، آئين جي ان شق موجب ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تيستائين ڦير ڦار نه ٿي ڪري سگهجي، جيستائين ان صوبي جي اسيمبلي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان ان بل جي منظوري نه ٿي ڏئي.

قومي اسيمبلي ۾ اهو بل پيش ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جا ميمبر غوث بخش مهر، محمد ميان سومرو، لال مالهي، جئي پرڪاش، ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ٻيا خاموش رهيا، انهن ان معاملي تي ڪو احتجاج يا مخالفت نه ڪئي، ايم اين اي نويد قمر جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن بل جي سخت مخالفت مخالفت ڪئي.

پ پ اڳواڻ نويد قمر جو چوڻ هو ته صوبن جي معاملن تي وفاق مداخلت نٿو ڪري سگهي، سرحدن ۾ ڦير ڦار جو اختيار صوبائي اسيمبلين وٽ آهي ۽ اهو واپس نٿو وٺي سگهجي.