ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سنڌ صوبي کي تقسيم ڪري ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ نالي 2 صوبا قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد :-  ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سنڌ صوبي کي تقسيم ڪري ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ نالي 2 صوبا قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، بل ۾ پنجاب کي تقسيم ڪري بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب نالي 2 صوبا، ڪي پي ڪي کي تقسيم ڪري هزاره نالي ڌار صوبو ٺاهڻ جي تجويز به شامل آهي. تفصيل موجب ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ميمبرن ڪشور زهرا، انجنيئر صابر حسين قائم خاني، صلاح الدين ۽ اسامه قادري پاران آئين جي آرٽيڪل هڪ، 51، 59، 106، 175 اي، 198 ۽ 218 ۾ آئيني ترميم جو بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سنڌ صوبي کي تقسيم ڪري اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ جي نالي سان 2 ڌار ڌار صوبا قائم ڪرڻ جون ترميمون شامل ڪيون آهن، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پاران جمع ڪرايل آئيني ترميمي بل ۾ آئين جي آرٽيڪل هڪ ۾ترميم تجويز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخوا سان گڏ نوان صوبا ٺاهي انهن جا نالا اتر سنڌ، ڏکڻ سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بهاولپور ۽ هزارا نالا لکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. آئين جي آرٽيڪل 51 ۾ ترميم تجويز ڪندي بهاولپور صوبي جون قومي اسيمبلي ۾ جنرل 15، عورتن لاءِ مخصوص 3 سميت 18 سيٽون، ڏکڻ پنجاب لاءِ 31 جنرل، عورتن لاءِ مخصوص 7 سميت ڪل 38 سيٽون، پنجاب صوبي جون قومي اسيمبلي ۾ 95 جنرل، عورتن لاءِ مخصوص 22 سيٽن سميت ڪل 117 سيٽون رکڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ڪي پي ڪي کي تقسيم ڪري هزاره صوبي جون جنرل 7، عورتن لاءِ 2 مخصوص سيٽن سميت ڪل 9 سيٽون رکڻ، جڏهن ته خيبر پختونخوا صوبي ۾ قومي اسيمبلي ۾ جنرل45، عورتن لاءِ مخصوص 10 سيٽن سميت ڪل 55 سيٽون رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ اتر سنڌ صوبي جون قومي اسيمبلي ۾ جنرل 35 ۽ عورتن لاءِ مخصوص 8 سيٽن سميت ڪل 43 سيٽون، ڏکڻ سنڌ جون قومي اسيمبلي ۾ جنرل 26 ۽ عورتن لاءِ مخصوص 6 سيٽن سميت ڪل 32 سيٽون رکڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. آئين جي آرٽيڪل 59 ۾ به ترميم تجويز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ جون سيٽون 104 مان وڌائي 188 ڪيون وڃن، اهڙي ريت آئين جي آرٽيڪل 106۾ به ايم ڪيو ايم پاران آئيني ترميم تجويز ڪندي صوبائي اسيمبلين جون سيٽون تجويز ڪيون آهن، جنهن تحت اتر سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ۾ جنرل 75، عورتن لاءِ مخصوص 16، اقليتن لاءِ 6 سيٽن سميت ڪل 97 سيٽن تي ٻڌل صوبائي اسيمبلي قائم ڪرڻ، ڏکڻ سنڌ صوبي جي صوبائي اسيمبلي لاءِ 55 جنرل، عورتن لاءِ مخصوص 13 ۽ اقليتن لاءِ 3 سيٽون رکڻ سميت ڪل 71 سيٽون رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نون قائم ٿيندڙ صوبن ۾ هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس ۽ جج مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اتر سنڌ صوبي جي هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل بينچ سکر، جڏهن ته ڏکڻ سنڌ صوبي جي هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل بينچ ڪراچي ۾ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 218 ۾ اليڪشن ڪميشن کي مٿي ڄاڻايل نون صوبن ۾ به چونڊون ڪرائڻ جو پابند بنائڻ لاءِ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي.ايم ڪيو ايم پاران ترميمي بل ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته ڏکڻ سنڌ توڙي اتر سنڌ نالي صوبا ڪهڙن علائقن ضلعن تي ٻڌل هجن، قومي اسيمبلي ۾ڏکڻ سنڌ صوبي لاءِ 26 جنرل سيٽون رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ان تجويز کي ڏسجي ته ڪراچي توڙي حيدرآباد لاءِ قومي اسيمبلي ۾ موجود جنرل سيٽن جو تعداد ايم ڪيو ايم جي بل ۾ تجويز ڪيل سيٽن کان رڳو 2 سيٽون گهٽ آهن، جنهن ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي علائقن کان علاوه 2 واڌو جنرل سيٽون به تجويز ڪيون ويون آهن، ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا بل جمع ڪرائڻ جي تصديق ڪئي. هن چيو ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ نالي 2 صوبا ڪهڙن ضلعن تي مشتمل هوندا ان بابت جڏهن بل اسيمبلي ۾ پيش ٿي ڪاميٽي کي اماڻيو ويندو تڏهن ڪاميٽي انهن مامرن کي طئي ڪندي، هن چيو ته صوبن ۾ آبادي وڌي رهي آهي، ان ڪري مون نه رڳو سنڌ پر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به نوان صوبا قائم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي آهي. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا ملڪ اندر نوان صوبا قائم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اسيمبلي مان 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان بل جي منظوري وارو صوبائي اسيمبلين جو آئيني اختيار ختم ڪرائڻ لاءِ به لڳ ڀڳ مهينو ٻه پهريان آئيني ترميم جو بل جمع ڪرايو هو، جيڪو قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي چڪو آهي. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي ميمبر لال مالهي  ٻڌايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا ۽ ٻين ميمبرن جو سنڌ صوبي کي تقسيم ڪري ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ نالي صوبا قائم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم جو بل گذريل اڱاري ڏينهن 10 ڊسمبر تي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻو هو، قومي اسيمبلي جي 10 ڊسمبر واري 227 نڪاتي ايجنڊا ۾ ان بل کي پيش ڪرڻ وارو مامرو ايجنڊا نمبر 47 تي رکيل هو، پر اهڙو بل ايجنڊا تي هجڻ جو مون جيئن ڏٺو ته مون پنهنجي پارٽي اڳيان اعتراض واريو جنهن ڪري اهو بل قومي اسيمبلي ۾ 10 ڊسمبر واري ڏينهن پيش نه ٿي سگهيو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڻ کي زندهه رکڻ لاءِ اهڙي قسم جون حرڪتون ڪندي رهي ٿي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي هڪ رهندي، هن چيو ته ان بل جي اسيمبلي ۾ سخت مخالفت ڪنداسين.