ايل پي جي جي گهريلو سيلنڊر جي قيمت ۾ 94 رپيا واڌ ٿي وئي

پهرين جون کان وٺي ، سڄي ملڪ ۾ گهريلو ايل پي جي سيلنڊر جي قيمت 94.89 رپيا وڌي وئي آهي. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جون مھيني جي لاءِ نئين ايل پي جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي 11.8 ڪلوگرام گهرو سيلنڊر جي قيمت 1667 روپيا 29 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا نوٽيفڪيشن موجب مئي لاءِ گهريلو ايل پي جي سلنڈر جي قيمت 1572 روپيا 40 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. پهرين جون کان ايل پي جي نئين قيمت 141 رپيا 29 پئسا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.