ايلس ويلز چئن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد:- آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلس ويلز سريلنڪا ۽ ڀارت کانپوءِ چئن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي وئي. ايلس ويلز ابو ظهبي کان اسلام آباد ايئرپورٽ پهتي ۽ دوري دوران هوءَ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان گڏوگڏ ٻين اختيارين سان ملاقاتون ڪندي، جن ۾ پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۽ افغان مفاهمتي عمل تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب پاڪستاني قيادت انهن ملاقاتن ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفن قدمن جو معاملو اٿاريندي، ان سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي صورتحال، خاص طور آمريڪا – ايران ڇڪتاڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختياريون والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو اٿارينديون ۽ ڪرفيو جي خاتمي تي زور ڏنو ويندو. ذريعن موجب آمريڪي اعليٰ سفارتڪار سان ڀارت ۾ تڪراري شهريت بل، ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ٿينديون، ان کانسواءِ ڀارت ۾ هندوتوا راڄ، مسلمان مخالف پرتشدد ڪارروائين جو معاملو به اٿاريو ويندو.