ايشيا جو سڀ کان وڏو نارا “ڪئنال”حڪومتي ڌيان جو منتظر

چونڊڪو:- ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ڪئنال ۽  سنڌ جي پنجن ضلعن سکر خيرپور نوابشاه سانگھڙ ۽ عمر ڪوٽ  کي آباد ڪندڙ ناراڪئنال جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن.ايريگيشن کاتو مرمت بهاني ڪروڙين روپيا هڙپ ڪرڻ بعد منظرعام تان غائب آهي.سنڌ ايريگيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي هيڊ آفيس ميرپور خاص ۾  قائم هجڻ ڪري ڪئنال ننڌڻڪو بڻجي ويو آهي ڪئنال کي مختلف هنڌن وٽان کاڌون پوڻ کانپوءِ ڪئنال جي ڀرپاسي رهندڙ لکين ڳوٺاڻن جو ساهه مٺ ۾اچي ويو آهي ۽  اباڻا اجھا ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا  آهن ڪافي هنڌن تي ته کاڌن سبب پچاءَ بند به لڙهي ويا آهن ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان ڪروڙين روپين جا وڻ لڪ ڇپ ۾ ڪامورون پاران ڀڳڙن جي مٺ عيوض وڍرائي وڪرو ڪرڻ بعد ڪپرن جي حالت خراب ٿيڻ بعد پاڻي وڃي  بندن سان ٽڪرايو جنهن سبب بچاءَ بند ٽٽڻ ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي نارا ڪئنال جا ڪپر صفا ڪمزور ٿي ويا آهن پر هن ساري حقيقت کان لاڳاپيل اختيارين جا ڪامورا باخبر هجڻ باوجود ڪک ڀڃي به ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن سبب وڏي نقصان ٿيڻ جو خطرو وڌندو وڃي ٿو هن ڪئنال جي بندن جي مضبوطيءَ واري حوالي سان ايريگيشن کاتو مرمت بهاني ڪروڙين روپيه هڙپ ڪرڻ بعد منظرعام تان غائب ٿي ويو آهي. پر ڪافي هنڌن تي ته کاڌن سبب پچاءَ بند به لڙهي ويا آهن ۽ پاڻي تيزيءَ سان ڪپرن کي  پائڻ بعد اڳتي وڌڻ لڳو آهي جنهن ڪري  هاڻي وڏي نقصان ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي ۽ پاڻي هنڌان هنڌان ڪپرن کي پائڻ لڳو آهي .۽ مختلف هنڌن وٽان ته ڪافي رستا به ڪئنال جي کاڌن سبب لڙهي چڪا آهن ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان ڪروڙين روپين جا بيٺل قديمي وڻ لڪ ڇپ ۾ ڪامورن پنهنجي ماتحت ملازمن سان ملي ڀڳت ڪري  ڀڳڙن جي مٺ عيوض وڍرائي وڪرو ڪري کائي کپائي ڇڏيا آهن ڪپرن جي حالت خراب ٿيڻ بعد پاڻي وڃي  بندن سان ٽڪرايو آهي ۽ کاڌن پوڻ سبب پاڻي تيزيءَ سان اڳتي وڌندو وڃي ٿو فوري طور تي نازڪ حالت بڻيل بندن جي پٿر تي پچنگ ڪرائي وڃي جيئن وڏي نقصان کان بچي سگھجي. ڪيتريون ئي غير قانوني لفٽ مشينون به ڪامورن جي رحم ڪرم تي  نارا ڪئنال تي هلن ٿيون جڏهن ته ليز تي پابندي هجڻ باوجود بچاءَ بند ۽ ڪئنال جي وچ۾ پيل لکين ايڪڙ زمينون به ڪامورن ڀوتارن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن عدالتي حڪم باوجود ڪامورن آپريشن شروع نه ڪيو قبصه گيرن کي نوٽيس ڏيئي پنهنجي ڪرپشن جو نئون باب شروع ڪريو ڇڏيو آهي جڏهن ته  ٻن درگاهن ۽ هزارين گھرن کي پاڻ ۾ ملائيندڙ گھرن کي ڪروڙين روپين ٻيڙين واري  تجل پل به لڙهي ويئي آهي اتي  ڪئنال مان هلندڙ 28 چئنلون فارمر آرگنائيزيشن حوالي ٿيڻ بعد ڪروڙين روپين جا وڻ ڀوتارن ڪٽي وڪڻي کائي ويا آهن ايريگيشن کاتي جا ملازم ڪڻڪ جا ديرا اوڳاڙي ڪرڻ ۾ مصروف آهن ٻيو اهم انڪشاف سامهون آيو آهي ته ڳجھ ڳوهه ۾ 40 کان مٿي ملازم غير مقامي ڀرتي  ڪيا ويا آهن ۽ مقامي ماڻهن جي روزگار وراي حق تي به ڌاڙو هنيو ويو آهي جڏهن ته نارا ڪئنال مٿان جيڪي پتڻ قائم هئا اهي پتڻن واريون ٻيڙيون به  به ڪامورن جي ملي ڀڳت سان گم آهن جنهن ڪري ڪئنال تان عام ماڻهن لاءِ پار وڃڻ لاءِ قائم ٿيل 14 پتڻ به ختم ٿي ويا آهن ۽ آبپاشي  کاتو ننڊ جون گوريون کائي ستل آهي نارا ڪئنال ڪامورن جي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻجي ويو آهي جڏهن ته ايريگيشن کاتي جا  سوين ملازم گھر ويٺي پگھارون کائي رهيا آهن ۽ نارا ڪئنال جو الله واهي ٿي ويو آهي  هتان جي سڄاڻ حلقن لاڳاپيل اختيارين کان تدارڪ جي گھر ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته نارا ڪئنال جي مسئلن طرف توجھه ڏيئي مسئلا حل ڪيا وڃن جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگھجي.