ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪراچي ۾ قرض ڏيڻ وارو مطالبو منظور ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :- ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪراچي ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ منصوبي لاءِ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري لاءِ اچي وئي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 23 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  اي ڊي بي جي پڌرائي موجب اها رقم ڪراچي بس ريپڊ ٽرانسٽ منصوبي لاءِ ڏني ويندي. بي آر ٽي منصوبو 26 ڏهائي 6 ڪلو ميٽر  ڊگهو هوندو ۽ منصوبي سان 15 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. منصوبي ۾ 29 اسٽيشن قائم ڪيون وينديون، روزاني 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو سفر ڪندا، منصوبو ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي صورتحال بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، ماحول دوست منصوبي سان هوائي آلودگي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.