ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر انور لغاري جي چوٿين ورسي، حيدرآباد ۾ تقريب

حيدرآباد :- سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته  پاڪستان کي  فيڊريشن بنجڻ نٿو ڏنو وڃي. نواز شريف وانگر عمران خان به پنجاب جو اڳواڻ ٿي ويٺو ۽ سنڌ پ پ جي حوالي ڪئي وئي آهي.ڪنٽرول جمهورت ۽ صحافت آهي. سليڪٽڊ عدليه ايڪٽوازم هلي رهي آهي. چيف جسٽس کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هي ملڪ آزاد عدليه کان سواءِ هلي نٿو سگهي. شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي سوچ هئي ته حيدرآباد مان قومي ڪارڪن چونڊجن، ان لاءِ قاسم آباد ۾ ووٽ داخل هئڻ  گهرجن. اهڙو اظهار هن ڊاڪٽر انور لغاري جي چوٿين  ورسي  جي موقعي تي قاسم آباد ۾ منعقد ڪيل جلسي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سيد جلال محمود شاهه چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي خدمتن کي اسان وساري نه ٿا سگهون،  ڊاڪٽر انور لغاري هڪ محنت ڪندڙ شخص هوندو هو، هو قومي حقن جي ڳالهه ڪندو هو،  هن چيو ته پاڪستان فيڊريشن نه ٺهيو آهي ۽ ٺهندي نظر اچي رهيو آهي، وفاق جي پارليامينٽ آهي، اها به جمهوريت جي نمائندي نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته  سليڪٽيڊ جڊيشر نظام اچي ويو آهي هن ملڪ ۾ هڪ لاءِ  هڪ قانون ته ٻئي لاءِ ٻيو قانون آهي.  هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج کي مان گذارش ڪندس ته سليڪٽيڊ نظام کي ختم ڪيو وڃي. سڀني جي لاءِ هڪ ئي نظام هجڻ گهرجي. پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ملڪ بچي سگهي. هن چيو ته عدالتي نظام کي بچايو ويو ته هي ملڪ بڇي سگهي ٿو، نه ته هي ملڪ بچڻ مشڪل آهي. هن چيو ته سنڌ جا ڪامورا غدار آهن، جنهن سان سنڌ جا وڏيرا به غدار آهن.  اهڙن ڪامورن جي ڪري سنڌ جي اسپتالن جي اندر ڀينگ ٿي آهي، سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري جي خون سان اڃا تائين انصاف ناهي ٿيو،  هر ايندڙ پوليس آفيسر کي چيو آهي پر اڃا تائين قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا،  هن چيو ته آصف علي زرداري سميت سڀني ڪرپٽ حڪمرانن جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سنڌ جي جنهن به چوري ڪئي آهي، انهن جا ڪيس اسلام آباد ۾ هلايا وڃن.  سنڌ ۾ جيڪي به ڪيس هلي رهيا آهن، اهي عياشي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ايمانداري سان اڳتي وڌي رهي آهي  ڪاميابي اسان جي يقين آهي. اسان بئيماني ڪري نه ٿا سگهون.  اسان ڪوڙن کي ڪوڙو چوندا رهنداسين. ان دوران جسقم جي اڳواڻ نياز ڪالاڻي چيو ته اسان جي سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي سائين جي ايم سيد جهڙو اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ڪردار  ڪرڻ گهرجي.جنهن مغربي پاڪستان جي اسيمبلي مان ون يونٽ رد ڪرايوهو. هن ڊاڪٽر لغاري جي سياسي ۽ مڪاني ادارن جي چونڊن ڪيل جدوجهد جي واکاڻ ڪئي.  ايس يو پي جي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙي چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري انسان دوست ۽ محب وطن قومي ڪارڪن هو. هو قاسم آباد مان بلدياتي اليڪشن ۾ باشعور ڪائونسلرن جي چونڊ واري ڪوشش ۾ شهيد ڪيو ويو. هن سڀني قوم پرست تنظيمن کي اپيل ڪئي ته سياسي جدوجهد ۾ گڏجي حصو  وٺون، چار سالن جي عرصي دوران قاتل گرفتار نه ٿيا آهن. عوامي تحريڪ جي صدر وڪيل سجاد  چانڊيو چيو ته  سنڌ جي دائمي مفادن جي سلسلي ۾ گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.معدنيات سان  مالا مال سنڌ جا رهواسي هيپاٽائيٽس ، ايڇ آئي وي، هيپاٽاٽس جا مريض آهن، سنڌ ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين ناهي، اسپتالن ۾ايمبولينس نٿي ملي. هن چيو ته سنڌ کي اهو ڪنهن ٻاهرين نه پر 11 سالن کان  چونڊ جي ايندڙ غدار وڏيرن پهچايو آهي.  سنڌ جي ڊيلٽا تباهه هئڻ جي باوجود سنڌ بئراج جو ڍونگ رچايو وڃي پيو. ان موقعي تي پير خليل جان سرهندي، ڊاڪٽر بدر چنا، شيبا مغل ، منور لغاري، محمد موسيٰ لغاري، امير بخش ٿيٻو. عبدالطيف لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته ان دوران قرارداد ذريعي انور لغاري جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪرپٽ سياستدانن جو احتساب جاري رکڻ جي گهر ڪئي. سنڌيونيورسٽي جي شاگردن تي بغاوت جا ڪيس ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. جلسي ۾ عورتون ۽ مرد  وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.