ايس يو پي، عوامي تحريڪ ۽ بلوچستان جي نيشنل پارٽي طرفان ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق

ڄامشورو : ايس يو پي، عوامي تحريڪ ۽ بلوچستان جي نيشنل پارٽي طرفان ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق، ڄامشورو ۾ ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ وچ ۾ ملاقات، نيشنل پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ملاقات ۾ شرڪت ڪئي، ملاقات دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاقي والار توڙي آئيلينڊ آرڊيننس خلاف تحريڪ تي صلاح مشورا، ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران جلال محمود شاهه ۽ عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته آئين موجب ٻيٽ صوبائي حڪومتن جي ملڪيت آهن، وفاق طرفان ٻيٽن تي قبضا ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۽ بلوچستان کي پيش ايندڙ چئلينجز ساڳيا آهن، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف نيشنل پارٽي طرفان مظاهرا ڪيا پيا وڃن، ايس او پي جي دعوت تي سنڌ اندر ٿيندڙ مظاهرن ۾ به شرڪت ڪنداسين