ايس اي سي پي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ اڳوڻو صحافي ساجد گوندل بازياب ٿي ويو

اسلام آباد : ايس اِي سي پي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ اڳوڻو صحافي ساجد گوندل بازياب ٿي ويو. سوشل ميڊيا تي بيان ذريعي بازيابي جِي تصديق ڪئي وئي. ساجد گوندل ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته هُو خيريت سان واپس اچي ويو آهي، ساجد گوندل 3 سيپٽمبر تي اسلام آباد مان گم ٿي ويو هو، سندس ڪار شهزاد ٽائون وارَي علائقي مان هٿ آئي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي 10 ڏينهن اندر ساجد گوندل کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.