ايران ۾ سعودي ۾ تڪرار نٿا چاهيون، مسئلي جو حل ضروري آهي: وزيراعظم

A handout picture provided by the Iranian presidency on April 22, 2019, shows President Hassan Rouhani (R) and Pakistani Prime Minister Imran Khan (L) giving a press conference in the capital Tehran. - Rouhani announced the creation of a joint border "reaction force" with Pakistan to counter terrorism in the meeting today with Khan in Tehran, according to state TV. (Photo by HO / Iranian Presidency / AFP) / === RESTRICTED TO EDITORIAL USE - MANDATORY CREDIT "AFP PHOTO / HO / IRANIAN PRESIDENCY" - NO MARKETING NO ADVERTISING CAMPAIGNS - DISTRIBUTED AS A SERVICE TO CLIENTS ===

تھران :  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ڀائر اسلامي ملڪن سعودي عرب ۽ ايران ۾ تڪرار نٿا چاهيون، ڇڪتاڻ سان خطي ۾ غربت ۽ تيل اگهن ۾ غير معمولي واڌ ٿيندي ۽ ان پويان مفاد پرست فائدو کڻندا.وزيراعظم ايراني صدر سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران حسن روحاني طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلو اجاڳر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا.عمران خان ايراني صدر کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان خطي ۾ تڪرار نٿا چاهيون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان گذريل 15 ورهين ۾ 70 هزار انساني جانين جي قرباني ڏني، افغانستان اڃا تائين مسئلن ۾ ورتل آهي، جڏهن ته شام ۾ به بدترين صورتحال آهي، اسان دنيا جي ان خطي ۾ وڌيڪ تڪرار نٿا چاهيونوزيراعظم واضح ڪيو ته سعودي عرب اسان جو ويجهو دوست آهي، ان هر ڏکئي وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي، موجوده صورتحال ۾ ڏکيائين کي سمجهون ٿا پر ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ جنگ نه ٿيڻ گهرجي، مان هاڪاري ذهن سان سعودي عرب ويندس ۽ مصالحتي نه پر سهولت ڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ پسند ڪندس، اسان ٻن مسلم ڀائر ملڪن ۾ ٽياڪڙي چاهيون ٿا، هي اهم مسئلو آهي، جنهن جو حل ضروري آهي.ان کان اڳ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته پاڪستان ۽ ايران گڏجي خطي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري سگهن ٿا، خطي جا مسئلا ڳالهين ۽ مقامي وسيلن ذريعي حل ڪرڻ گهرجن.حسن روحاني ايران جي دوري تي وزيراعظم عمران خان کي خراج پيش ڪيو.ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان تهران پهتو، جتي ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف سندس آجيان ڪئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سيد ذوالفقار عباس به وزيراعظم سان گڏ هئا.وزيراعظم عمران خان ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خطي جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ايران کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، نار فارس ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري دوران ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سان پڻ ملاقات ڪندو.