ايران پاران آمريڪي سي آءِ اي جا جاسوس جهلي موت جي سزا ڏيڻ جي دعويٰ

تهران :- ايران آمريڪي انٽيليجنس ايجنسي سي آءِ اي جي جاسوسي جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ ۽ 17 جاسوس جهلڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران سي آءِ اي جي لاءِ ڪم ڪندڙ 17 جاسوسن کي پڪڙيو جن مان ڪيترن کي موت جي سزا ڏئي ڇڏي آهي.رائٽرز موجب  ايران جي سرڪاري ٽي وي طرفان به سي آءِ اي جي جاسوسي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ان ڪارروائي ۾ 17 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ايراني نيوز ايجنسي فارس موجب ايراني انٽيليجنس منسٽري جي اختيارين سي آءِ اي جي جاسوسن جي گرفتاري ۽ ان جي موت جي سزا وارين خبرن جي تصديق ڪئي آهي.ايران جي منسٽري آف انٽيليجنس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پڪڙيل جاسوس حساس ۽ اهم نجي سيڪٽر جي اقتصادي، نيوڪليئر، انفرااسٽرڪچرل، عسڪري ۽ سائبر سينٽرز جي علائقن ۾ ملازم هئا جتي هنن مخصوص  ڄاڻ جمع ڪئي.ياد رهي ته ايران، آمريڪا ۽ برطانيه وچ ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان ڇڪتاڻ جاري آهي. برطانيه طرفان ايراني آئل ٽينڪر قبضي ۾ وٺڻ کان پوءِ ايران گذريل ڏينهن آبنائي  برمز ۾ 2 برطانوي آئل ٽينڪرن کي قبضي ۾ ورتو هو.