ايراني حملي ۾ فوجي نه مئا آهن، ٿورو نقصان ٿيو آهي: ايران تي پابنديون وڌيڪ سخت ڪنداسين:ٽرمپ جو داٻو

واشنگٽن :- ايران جي حملي کانپوءِ آمريڪا ايران تي وڌيڪ سخت پابنديون مڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني حملن کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ چيو ته آمريڪا ايران جو رويو گهڻي عرصي کان برداشت ڪري رهيا هئا، هاڻي معاملو برداشت کان ٻاهر هو، آمريڪي فوج دنيا جي وڏي دهشتگرد قاسم سليمان کي ماريوهن چيو ته ايران جي حملي ۾ ڪنهن به آمريڪي فوجي کي نقصان نه پهتو، اسان جا سڀ فوجي محفوظ آهن، اڏي کي معمولي نقصان پهتو، عراقي فوج کي به نقصان ناهي پهتو.سندس چوڻ هو ته آمريڪا دهشتگرد سليماني کي نشانو بڻايو هو، سليماني عراق ۾ موجود آمريڪي فوجين تي حملي جو حڪم ڏنو هو  ۽ آمريڪي مفادن تي حملي جي تياري  ڪري رهيو هو، منهنجي حڪم تي جنرل سليماني کي حملي ۾ قتل ڪيو ويو، ايران دهشتگردي ڇڏي ته پرامن ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿو.ڊونلڊ ٽرمپ موجب ايران مهذب دنيا کي ڊيڄاريندو رهيو آهي، ايران تشدد پکيڙيندو رهيو ته علائقي ۾ امن نه ٿي سگهندو، ايران يمن، لبنان، افغانستان ۽ عراق ۾ تباهي مچائي، ايران پنهنجون ايٽمي سرگرميون روڪي.هن اتحادي ملڪن تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ايران سان هڪ معاهدو ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان دنيا کي محفوظ ۽ پرامن بڻائي سگهون، ايران کي پنهنجي جوهري پروگرام کي بنا دير روڪڻو پوندو ۽ دهشتگردي جي حمايت ختم ڪرڻي پوندي.