اياز لطيف پليجي وزيراعظم عمران خان آڏو 15 نقطن تي ٻڌل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :- جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ کيس 15 نقاطي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو۔ جنھن ۾ ھن چيو ته سنڌ مان ڪرپشن۔ جھالت۔ تشدد ۽ بيڊ گورننس جي روڪٿام لاءِ رٿابندي ڪئي وڃي۔ وفاق طرفان نوڪرين، ترقي ۽ صنعتي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي،سي پيڪ منصوبي مان پورو حصو ڏنو وڃي۔ سنڌ مان غير قانوني پرڏيھي افغاني، برمي، بنگالي ۽ ٻين کي واپس پنھنجن اصل ملڪن ڏانھن اماڻيو وڃي۔ ھن چيو ته سنڌ سان پاڻي ورڇ ۾ بين الاقوامي قانون تحت انصاف ڪيو وڃي ۽ صوبن ۾ منصفاڻي ورڇ يقيني بنائي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چارٽر آف ڊمانڊ ۾ چيو ته سنڌو تي ڪو به ڪئنال، ڊيم ۽ پاور پلانٽ نه ٺاھيو وڃي۔ سنڌ ۾ تعليم پرائمري کان يونيورسٽي تائين ۽ صحت جون سھولتون معياري ضلعي کان تعلقي سطح تائين صوبائي حڪومت جي مدد سان ڏنيون وڃن۔ ھيڪ ذريعي سنڌ جي غريب ۽ مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ وظيفو ڏنو وڃي۔ سنڌ ۾ اڇ آئي وي ايڊز، ھيپاٽائيٽس۔ پوليو، ريبيز ۽ ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاء جامع پاليسي جوڙي وڃي۔ ھن چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻي معدني دولت جي ڪمائي انھن تعلقن، ضلعن ۽ سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي۔ جبري گرفتاريون، عورتن۔ ٻارن ۽ اقليتن تي تشدد ۽ جبري مذھب جي تبديلي روڪي وڃي۔ ڪاروڪاري،سڱ چٽي، ننڍي عمر جي شادي۔ جرڳا سسٽم کي ختم ڪري ملوث ماڻھن تي دھشتگردي ڪورٽ ۾ ڪيس ھلايا وڃن۔ سنڌي،پنجابي، بلوچي۔ سرائڪي ٻولين کي اردو سميت قومي ٻولي جو درجوڏنو وڃي۔ آبادگارن ۽ ھارين کان ڪمند 270 روپيا ۽ ڪڻڪ 1500 سئو روپيا خريد ڪئي وڃي۔ سنڌ کي وفاقي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي نوڪرين ۾ حصو ڏنو وڃي۔ وفاقي سيڪريٽرين۔ ڪارپوريٽ ۽ صنعتي سربراھن ۽ توانائي۔ ماليات۔ ريلوي۔ پاڻي ۽ فارين منسٽري ۾ سنڌين کي برابر نمائندگي ڏني وڃي۔ سنڌ ۽ ملڪ جي وحدت ۽ وقار خلاف سازشون ڪندڙڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔ سنڌي جي ماڻھن کي اين ايڇ اي۔ پي آئي اي۔ واپڊا۔ ايف بي آر ۽ ٻين ادارن ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن۔ ان سميت چارٽر آف ڊمانڊ ذريعي ٻيا مطالبا ڪيا ويا.