ايئر مارشل ملڪ ارشد جي پي آءِ اي سربراهه طور مقرري غيرقانوني آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- سپريم ڪورٽ ايئر مارشل ارشد محمود ملڪ جي پي آءِ اي جي سربراهه طور مقرري کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته هو ايئرفورس يا پي آءِ اي مان ڪنهن هڪ عهدي جي چونڊ ڪري، ڇاڪاڻ هو هڪ ئي وقت ٻه عهدا نٿو رکي سگهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ پي آءِ اي جي سربراهه جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران نيب جو وڪيل، پي آءِ اي بورڊ جو وڪيل نعيم بخاري، ارشد ملڪ جو وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران پي آءِ اي جي گم ٿيل جهاز بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته گم ٿيل جهاز جي حوالي سان پي آءِ اي رپورٽ پڙهي آهي.ان تي نيب جي وڪيل چيو ته پي آءِ اي بورڊ عدالت کي مڪمل حقيقتون ناهن ٻڌايون، ان معاملي تي جاچ جاري آهي عدالت وڌيڪ وقت ڏي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نيب کي رڳو وقت ئي کپندو آهي، پر نيب پنهنجي جاچ جاري رکي.عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن پڇيو ته جهاز وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو؟ جنهن تي وڪيل پي آءِ اي بورڊ چيو ته جرمن سان تعلق رکندڙ اداري جي سي اي او وڪري جو فيصلو ڪيو، ان دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته فيصلو اهو ٿيو هو ته جهاز ڪمرشل مقصد لاءِ استعمال نه ٿيندو.ان دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته جهاز مالٽا ۾ فلم جي شوٽنگ لاءِ استعمال ٿيو، مالٽا کان شوٽنگ بعد جهاز جرمني ويو.پي آءِ اي جي وڪيل ٻڌايو ته شوٽنگ جي مد ۾ اداري کي 2 لک 10 هزار يورو مليا، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي جي ماڻهن سان الائي ڪهڙي فلم شوٽ ٿي هوندي، فلم ٺاهيندڙ ڪمپني اسرائيلي هجڻ سنجيدا ڳالهه آهي.ان دوران سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته ارشد محمود ملڪ جي مقرري حڪومت جي غير سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿي، لڳي ٿو ته حڪومت پي آءِ اي کي ايڊهاڪ ازم تي هلائڻ چاهي ٿي، ان سان گڏ ئي اهي رمارڪس ڏنا ته ايئر چيف جڏهن چاهي ارشد ملڪ جون خدمتون واپس وٺي سگهي ٿو.ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته پي آءِ کي مستقل سربراهه جي ضرورت آهي، اهڙو چيئرمين جيڪو اداري کي پروفيشنل انداز ۾ هلائي، پي آءِ اي کي منافعي بخش بڻائي، عوام کي بهترين سروس مناسب ڪرائي تي ملڻ گهرجي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ارشد محمود ملڪ هڪ وقت ٻه عهدا نٿو رکي سگهي، ڊيپوٽيشن تي سربراهه جي مقرري غير قانوني آهي، ارشد ملڪ کان پڇي وٺو ته هو ڪهڙو عهدو رکڻ چاهي ٿو.ان سان گڏ ئي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ارشد محمود پنهنجي ايئرفورس جي سروس تان هٿ کڻي پي آءِ ۾ هلي اچي.ان تي وڪيل نعيم بخاري سي اي او ارشد ملڪ کان هدايتون وٺڻ لاءِ وقت گهري ورتو.