او جي ڊي سي ايل ۾ ٻاھر جا ماڻھو ڀرتي ڪيا پيا وڃن گئس تي پھريون حق سنڌ جو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد:- قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته سنڌ جي گئس تي پھريون حق سنڌ جو آھي، گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گھٽ ھجڻ جو آزار ختم ڪيو وڃي، جن علائقن مان گئس نڪري ٿي انھن علائقن کي مفت گئس جي سھولت ڏني وڃي، مقامي ماڻهن کي روزگار  ۽ غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏنيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته  71 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا ڳوٺ گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن، شھرن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ گھٽ پريشر جو آزار آھي، ھر حڪومت سنڌ جي وسيلن کي مال غنيمت ڪري لٽيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي گئس جي نالي تي ڌرڻا ھڻي نوري آباد وٽ پاور پلانٽ لاءِ مفت ۾ گئس وٺڻ لاءِ وفاق کي بليڪ ميل ڪري وري گم ٿي وئي، سنڌ حڪومت وٽ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ گئس پھچائڻ جو ڪو منصوبو ئي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته او جي ڊي سي ايل ۾ ٻاھر جا ماڻھو ڀرتي ڪيا پيا وڃن، مالھي پيش امام لاءِ به ٻين صوبن کان ماڻھو آندا وڃن ٿا. اھو استحصال بند ڪيو وڃي، او جي ڊي سي ايل ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي، گئس ۽ تيل ڏيندڙ علائقن ۾ مفت گئس فراھم ڪئي وڃي، ملندڙ رائلٽي مان مقامي علائقن کي پاڻي، تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.