اوٻاوڙو لڳ سنڌ پنجاب دنگ تي چاچي هٿان نوجوان ڀائيٽو قتل

اوٻاوڙو : اوٻاوڙو لڳ سنڌ پنجاب دنگ تي چاچي هٿان نوجوان ڀائيٽو قتل ٿي ويو، پنجاب پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڳوٺ قادر بخش چاچڙ ۾ جوابدار جيجل چاچڙ بندوق جا فائر ڪري گهر جي ڇت تي ننڊ ستل لطيف چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد سنڌ ۽ پنجاب پوليس ۾ حد جو تڪرار پيدا ٿي ويو. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ پنجاب جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي پوليس جوابدار جيجل چاچڙ کي گرفتار ڪري مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ملڪيت جي مامري تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ جاري آهي