انڊس اسڪرپٽ پڙهڻ ۾ 10 سال به لڳي سگهن ٿا:آمريڪي ماهر

لاڙڪاڻو:ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي ماهر جوناٿن مارڪ ڪنائر چيو ته انڊس اسڪرپٽ پڙهڻ بابت اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي ان وقت جي ڪن به ٻن ٻولين جي ڪا گڏيل لکت پڙهڻ کانسواءِ ان جو پتو نه ٿو پئجي سگهي. هن چيو ته اسان کي اها تحقيق ڪرڻي پوندي ته آڳاٽي دور جا ماڻهو ڪيئن لکندا هئا. انڊس لکت جو استعمال دنيا جي ٻين علائقن کان مختلف هو. هن چيو ته ٻوليون وقت سان گڏوگڏ تبديل ٿينديون رهنديون آهن ، موهين جودڙو ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت وڌ کان وڌ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرائي ماهرن کان تجويزون ورتيون وڃن. ماهرن جي ويچارن کانپوءِ ئي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. هن چيو ته موهين جودڙو جي لڪيل آثارن جي کوٽائي ڪئي وڃي جنهن لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿين گهرجي، نئين کوجنا جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو ڪم  هڪ ڏينهن جو نه آهي ان ۾ 10 سال به لڳي سگهن ٿا.