انڊسٽريل زون جو زهريلو پاڻي ڪينجهر ۾ڇوڙ ٿيڻ لڳو:آبي جيوت کي خطرو

جھمپير:- نوري آباد جي انڊسٽريل زون جي زھريلي مادي جو تلاءُ برساتي نئين لوياڇ جي وچ ۾ ٺاھيل آھي جيڪو برساتين سبب سڌو ڪينجھر ۾ سالن کان ڇوڙ ٿي رھيو آھي جنھن سبب ڪينجھر سخت آلودگي جو شڪار بڻجي چڪي آھي مختلف وقتن تي ميڊيا تي مسئلو اچڻ کانپوءِ به انتظاميا توڙي انڊسٽيريل انتظاميا نوٽيس ناھي ورتو جنھن سبب 3 ڪروڙ عوام جي مٺي پاڻي جو زخيرو زھريلو بنجي رھيو آھي توڙي آلودگي سبب ڍنڍ اندر آبي جاندارن جي سخت نسل ڪشي جاري آهي،جنھن سبب ڍنڍ اندر مڇي جا ڪيترائي نسل ختم ٿي چڪا آھن ۽ ڪيترائي آبي جاندار پڻ ختم ٿي چڪا آھن ماحولياتي ماھرن جي راءِ موجب جيڪڏھن انڊسٽيريل  فضلي جي ان صورت ۾ جاري رھيو ته ڪينجھر ڍنڍ پڻ منڇر وانگر زھريلي ٿي ويندي ڪينجھر ڍنڍ جي تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت ختم ٿي ويندي ٻئي طرف ماھيگير تنظيمن جي اڳواڻن انيس ھيلايو ارشاد گندرو موجب سڀني لاڳاپيل ادارن کي لکت ۾ ڏيڻ باوجود زھريلي مادي کي روڪڻ جا ڪي به قدم ناھن کنيا ويا جنھن سبب مڇي جا ڪيترائي نسل ختم ٿي ويا آھن ۽ مڇي ۽ پکين لاءِ ڍنڍ اندر پيدا ٿيندڙ گاھ ختم ٿي ويا آھن ملاح فاقاڪشي جو شڪار آھن ٺٽي جي سول سوسائيٽي اديبن دانشورن رسول بخش درس ڊاڪٽر لکمير ۽ ٻين پڻ ڪينجھر جي تباھي جو ڪارڻ انڊسٽريز  جي زھريلي مادي جي ڇوڙ کي قرار ڏئي ڇڏيو.