انٽرنيشنل ڪموڊٽي ايڪسچينج ۾ ڌاڳي جي اگهن ۾ لاٿ

نيويارڪ :- انٽرنيشنل ڪموڊٽي ايڪسچينج ۾ ڌاڳي جي اگهن ۾ لاٿ آئي جنهن جو سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چيني آمدني واپاري تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اشارو آهي. ايڪسچينج ۾ ڌاڳي جا جولائي لاءِ سودا 2.13 سينٽ لاٿ سان 73.55 سينٽ في پائونڊ طئي ٿيا. ايڪسچينج ۾ ڌاڳي جي ڪل 47380 ڳٺڙين جو ڪاروبار ٿيو جيڪو گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 30995 وڌيڪ رهيو.