انساني همدردي جي بنياد تي ايران تان پابنديون ختم ڪيو وڃن : عمران خان جي ٽرمپ کي اپيل

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي ايران تان پابنديون کنيون وڃن.وزيراعظم پنهنجي ٽوئٽ ۾ اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس سان ايراني عوام جون ڏکيائيون ناقابل بيان آهن. اقتصادي پابندين سبب ڪورونا وائرس جي مقابلي لاءِ ايران جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.وزيراعظم چيو ته ايراني عوام ناقابل بيان مصيبتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇو ته پابنديون ڪورونا جي خلاف ايران جي مدافعتي ڪوششن کي نهايت منفي انداز ۾ متاثر ڪري رهي آهي. سڄي انسانيت ان وبا جي مقابلي لاءِ متحد ٿي وڃي. ان کان اڳ ايران آمريڪا کان اقتصادي پابنديون کڻڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي آمريڪا رد ڪري ڇڏيو هو.