انجمن تاجران پاران سڀاڻي وزير اعظم هائوس آڏو هارن وڄائي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو

اسلام آباد:- واپارين جي ملڪ گير تنظيم آل پاڪستان انجمن تاجران پاران سڀاڻي وزير اعظم هائوس آڏو هارن وڄائي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ واپاري اڳواڻ اجمل بلوچ جو چوڻ هو ته سڀاڻي سڄي ملڪ مان واپاري 3 وڳي زيرو پوائنٽ تي گڏ ٿيندا جنهن بعد وزير اعظم هائوس آڏو هارن وڄائي حڪمرانن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اجمل بلوچ جو چوڻ هو ته گذريل چئن مهينن کان لاڪ ڊائون جي نالي ۾ صوبن ۽ وفاق ۾ ويڙهه جاري آهي ۽ واپارين جو مذاق اڏايو پيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ 6 وڳي، صوبن ۾ 7 وڳي ۽ وفاق ۾ 8 وڳي ڪاروبار بند ٿئي ٿو، واپارين سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مذاق هوندو. هن چيو ته بس ۾ 50 ماڻهو سفر ڪري سگهن ٿا ته هوٽلن تي ٻه ڄڻا ويهي ماني ڇو نٿا کائي سگهن. اجمل بلوچ مطالبو ڪيو ته ريسٽورينٽس، شادي هالز، اسڪولن سميت سمورا بند پيل ڪاروبار فوري طور کوليا وڃن، ڪاروباري وقت رات جو 10 وڳي تائين وڌايو وڃي، ايس او پيز جي بهاني واپارين جي تذليل ڪرڻ ۽ مٿن ڏنڊ هڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.