انتهاپسند ۽ دهشتگرد حقيقت ۾ امن ۽ ترقي جا دشمن هوندا آهن: بلاول

ڪراچي :- پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتهاپسند ۽ دهشتگرد حقيقت ۾ امن ۽ ترقي جا دشمن هوندا آهن، پيپلز پارٽيءَ جو دهشتگرديءَ خلاف هميشه چٽو موقف رهيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي پي ايس سانحي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته انتهاپسند ۽ دهشتگرد حقيقت ۾ امن ۽ ترقي جا دشمن هوندا آهن. هن چيو ته ڪڌا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي استعمال ڪيو ويو. پ پ چيئرمين چيو ته مخصوص ايجنڊا مڙهڻ لاءِ سڄي قوم کي يرغمال بڻائي خوف ۾ مبتلا رکڻو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو دهشتگرديءَ خلاف هميشه چٽو موقف رهيو آهي.