انتظاميا رويو درست نه ڪيو ته حيسڪو چيف جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻبوحيدرآباد ۾ ايس يو پي جي اي پي سي

حيدرآباد:- سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ “شهرن جا مسئلا، شهرين جو آواز” جي عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس، سنڌ جي قومپرست، سياسي،  مذهبي جماعتن جي اڳواڻن ۽ گهڻ رخ شخصيتنسميت شهرين حيدرآباد ريجن ۾حيسڪو پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ، ريڪوري جي نالي تي مختلف علائقن جي بجلي ڪٽي ڇڏڻ ۽ ڊڊڪشن جي نالي تي شهرين کي لکين روپين جا بل اماڻڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن حيسڪو انتظاميا پنهنجو رويو درست نه ڪيو ته سموريون سياسي جماعتون پنهنجي جمهوري ۽ آئيني حق کي استعمال ڪندي حيسڪو چيف جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنديون، جڏهن ته ان سان گڏ بک هڙتالون ڪري عدالتن جو در پڻ کڙڪايو ويندو. ايس يو پي پارٽي ضلعي حيدرآباد جي ميزباني هيٺ “شهرن جا مسئلا، شهرين جو آواز” جي عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ايس يو پي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جي يو آئي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، پي ٽي آئي اڳواڻ علي هنڱورو، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ رفيق مگسي، ذوالفقار هاليپوٽو، بدر چنا ۽ محبوب ابڙو سميت مختلف سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قرادادون پاس ڪندي چيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران حيسڪو ۽ سيپڪو ۾ ٻاهر کان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيا پيا وڃن، ان عمل جي مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته سنڌ ۾ قابل، ايماندار ۽ سينيئر آفيسر موجود آهن جن کي مقرر ڪيو وڃي. هنن چيو ته حيسڪو انتظاميا حيدرآباد جي رهواسين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، لوڊشيڊنگ جي باوجود عوام کي ڊڊڪشن جي نالي تي لکين روپين جا واڌو بل ڏنا وڃن ٿا. واپڊا ۽ نيپرا جي انتظاميا عوام کي ڏنل اوور ڊڊڪشن بل فوري طور تي ختم ڪري. هنن چيو ته حيسڪو پاران 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪورونا جي بيماري عروج تي آهي، حيدرآباد ۾ هن وقت ڪيترائي ماڻهو قرنطينه ۾ آهن، اهڙي صورتحال ۾ حيسڪو پاران ڊگهي لوڊشيڊنگ جو عذاب شهرين مٿان آندو ويو آهي. هنن چيو ته سخت گرمي سبب حيسڪو انتظاميا طرفان ناقص ٽرانسفارمرز لڳايا ويا آهن، جنهن ڪري عوام کي پوري بجلي فراهم نٿي ٿئي ۽ ٽرانسفارمرز جي مرمت ڪرڻ جي بهاني حيسڪو انتظاميا شهرين کان لکين روپيا وصول ڪري رهي آهي. هنن گهر ڪئي ته تازو ٿيندڙ برساتن سبب حيسڪو انتظاميا کي ايمرجنسي لاڳو ڪري گهرجي ۽ پراڻيون لائينون تبديل ڪري نيون لائينون لڳايون وڃن، ناقص ٽرانسفارمرز تبديل ڪري ايڊيشنل ٽرانسفارمرز لڳايا وڃن ته جيئن ماڻهن کي بنا رنڊڪ جي بجلي پوري طرح ملي سگهي. هنن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته لکين روپين جا ڊٽيڪشن وارا بل موڪلڻ بعد علائقن جي بجلي بند ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪري شهرين کي بچايو وڃي. ان موقعي تي اي پي سي ۾ اتفاق راءِ سان سمورين سياسي جماعتن تي ٻڌل اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو ڪنوينر روشن علي ٻرڙو کي ڪيو ويو.