امن، محبت ۽ رواداري جو پرچارڪ آهيان: مانجهي فقير

مقصودورند :- مانجھي فقير جي آستاني تي ميڙو متل، سنڌ اٿلي پئي. آئون امن، محبت ۽ رواداري جو پرچارڪ آهيان. سنڌ جي ضمير جو آواز آهيان. سنڌ واسين جيڪا عزت محبت ۽ موٽ ڏني آهي ان مونکي وڏو حوصلو ڏنو آهي. اهڙو اظهار مشهور صوفي شاعر ۽ راڳي مانجهي فقير تعلقي شهدادپور جي شهر ٻرهوڻ لڳ ڳوٺ محمد علي خان بوداڻيءَ ۾ آستانه مانجھي تي ميڊيا ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساڻس يڪجهتي لاءِ آيل سياسي، سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ مانجهائي جماعت جي فقيرن سان ڪچهري دوران اظهار خيال ڪندي ڪيو. هن چيو ته آئون ڪنهن سان به جهيڙو وڌائڻ نه ٿو چاهيان. مون سان جن به مخصوص مفاد ۽ سوچ رکندڙن اٻهراڪي ڪري پاڻ کي ڏٺو ڪيو آهي. انهن کي ضرور سندس ضمير جهنجهڙيندو. آئون ساڻن ڀاءُ به رهڻ چاهيان ٿو اهو ڪردار سرڪار ادا ڪري ته به سٺو جيڪڏهن ڪو سنڌ جو سڄڻ اڳيان ايندو ته به آئون ڪنهن کان ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندس. ساڻس روبرو اچي ملاقات ڪندڙن ۾ جسقم (آريسر) جو چيئرمين اسلم خيرپوري، وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور، جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي، شاعر مهر ڊٻائي، عاجز منگي، رضا ڏاهري، جبار ڌاريجو، علي حسن دل، امير بخش عمراڻي، امجد عاجز منگي، حاجي خميسو سولنگي، رجب گلزار، مٺو سانگهڙائي، خدا ڏنو ڪاڇائي ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي طرف نوجوان دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ امير آزاد پنهور مانجھي فقير جي آستاني تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي هڪ فرد نه پر ضمير جو جهيڙو آهي. جنهن ۾ هڪ طرف ڀٽائيءَ جو تنبورو ۽ ٻئي طرف ڪلاشنڪوف آهي. تنبوري پويان سنڌ جي وطن پرست ۽ صوفي ازم جو فڪر آهي ۽ ڪلاشنڪوف پويان سياست، ڊالر ۽ انتهاپسندي آهي. ان لاءِ سنڌ جي باضمير ماڻهن کي مڙي مٺ ٿيڻ کپي.