امريڪي عورت ليڪچرار مسلمان ٿيڻ بعد نواب شاهه جي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ورتي

نواب شاهه :- امريڪي عورت ليڪچرار مسلمان ٿيڻ بعد نواب شاهه جي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ورتي. امريڪي عورت ليڪچرار ڪلائوڊيا نواب شاهه پهچي نوجوان راشد رسول سان پسند جي شادي ڪري ورتي آهي. ناري ڪلائوڊيا ۽ نوجوان راشد نڪاح ڪرڻ بعد هڪٻئي کي جيون ساٿي بڻائي ورتو آهي. ناري ڪلائوڊيا مسلمان ٿيڻ بعد نوجوان سان نڪاح ڪيو ۽ سندس نئون نالو خديجه رکيو ويو آهي. ناري ڪلائوڊيا (خديجه) ميٽرولاجيڪل شعبي ۾ ايم اي پاس ڪئي آهي ۽ نجي تعليمي اداري ۾ ليڪچرار آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي نوجوان راشد رسول ٻڌايو ته ناري سان سندس ٽن سالن کان دوستي هئي، هو فيس بُڪ تي مذهبي تعليم جون پوسٽس رکندو هو، جنهن مان ناري ڪلائوڊيا متاثر ٿي ۽ هُن مسلمان ٿيڻ بعد ساڻس شادي ڪئي آهي.