امريڪي رياست پورٽ لينڊ اوريگون ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي طرفان نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو

پورٽ لينڊ :- يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي امريڪي رياست پورٽ لينڊ اوريگون ۾ نمرتا چنداڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ان موقعي تي سنڌو نواز گھانگھرو چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر نياڻيون غير محفوظ آھن وقتن بوقتن سنڌ جي تعليمي ادارن مان نياڻن جا لاش ملن ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته ڪڏھن اسان کي سنڌ يونيورسٽي مان نائلا رند جا لاش ملن ٿا ته ڪڏھن اسان جي شاگرد نياڻين کي جنسي حراسان ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو تازو مثال لمس جي يونيورسٽي م شاگردياڻي سائرا ٿھيم آھي جنھن کي حراسان ڪيو ويو ۽ جيڪا ڳالھ پڻ ثابت ٿي، ھن چيو ته نمرتا جي ايٽوپسي رپورٽ اچي چڪي آھي ته نمرتا سان جنسي زيادتي ڪرڻ کان بعد ھن کي قتل ڪيو ويو آھي. ھن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.