امريڪا جنگ جي باهه ڀڙڪائي ته پاڻ ڪيئن بچائينداسين؟ خواجا آصف

 اسلام آباد:- ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف وڌ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ايران ۾ جيڪڏهن امريڪا جنگ جي باهه ڀڙڪائي ته ان جي شعلن کان پاڻ کي ڪيئن بچائينداسين؟ امريڪا گزريل ٻن ڏهاڪن کان عراق ۽ شام کي تباهه ڪيو. خواجه آصف حڪومت کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وزيراعظم ايران ۽ امريڪا وچ ۾ تياڪڙي جي ڳالههه ڪئي هئي پر جيڪڏهن اهو ٺاهه آهي ته پوءِ ويرهه ڪهڙي هوندي آهي؟ ايران ۾ باهه لڳي ته پاڪستان به محفوظ نه رهندو. هن چيو ته اسان کي عرب ملڪن جو خيال رکڻو آهي، جڏهن ته ايران سان به اسان جو اعتماد جو رشتو آهي ۽ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آهن. ايران ڪڏهن پاڪستاني سرحد تي فوج مقرر نه ڪئي. جنرل قاسم سليماني پاڪستان کان ايس ايس جي ٽريننگ ورتي هئي. هن چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي صبح جو ٻي ۽ شام جو ٻي هوندي آهي. پرڏيهي پاليسي کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن. ايران اسان جو دوست ملڪ آهي. ان اهم معاملي تي اسان کي اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان  کي خوف آهي ته جنرل قاسم سليماني کي شهيد به نٿا چئي سگهون. اسان کي فارن پاليسي جو چڱي ريت جائزو وٺڻو پوندو. اسان ايران، ترڪي ۽ ملائيشيا سان دوستي خطري ۾ وڌي. سعودي عرب احترام لائق آهي. خدا جي واسطي هڪ دوست لاءِ ٻئي دوست کي قربان نه ڪريو، رياست جي مفاد تي عمل ڪريو.