نمرتا واقعو ڳجهارت بڻيل، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڳلو دٻجڻ سبب موت جي تصديق

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل نمبر ٿري مان بيبي آصفه
ڊينٽل ڪاليج جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي ميرپور ماٿيلو واسي هندو ناري نمرتا واري واقعي جي ابتدائي پوسٽ مارٽم جاري ٿيڻ باوجود اصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيا آهن، پوليس به ڪنهن نتيجي تائين پهچي نه سگهي، واقعو ٻن ڏينهن کان ڳجهارت بڻيل آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين روڊن تي نڪري نمرتا واري واقعي خلاف خلاف ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري اصل ڪارڻ معلوم ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ گذريل سومر جي ڏينهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ٿري مان بيبي آصفه ڀٽو ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻين نمرتا جو لاش هٿ اچڻ کان پوءِ نمرتا جي لاش جو پوسٽ مارٽم چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ۽ سرجن پروفيسر ڪي داس، پيٿالاجسٽ اڪبر سومرو، فارنزڪ ميڊيسن جي پروفيسر ڊاڪٽر رشيد پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر امرتا پاران ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم وارو عمل سومر ۽ اڱاري جي وچ ڌاري رات ڏيڍ بجي کان ساڍي ٽين وڳي تائين جاري رهيو. جڏهن ته 16 ڪلاڪ گذرڻ کان بعد ڪالهه شام ڌاري چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال جي پوليس سرجن ڊاڪٽر شمس کوسو پاران اهڙي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي جنهن جي صحيح سان جاري ڪيل ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس موجب نمرتا جي موت رئي سان ٽنگڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سان ٿيو پر في الحال ڳليءَ تي رئو يا رسي ٻڌڻ جي حتمي رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي جيسيتائين ڪيميڪل ايگزيمينيشن ۽ هيسٽو پيٿالاجسٽ رپورٽ نه ٿي اچي. پوليس سرجن پريس ڪلب ۾ صحافين کي پوسٽ مارٽم رپورٽ بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته نمرتا جي ڳليءَ تي ڪنهن شيءَ کي زور سان ٻڌڻ جو نشانو موجود آهي پر اُها رئو آهي يا رسي يقيني طور تي ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. حتمي رپورٽ ۾ 5 ڏينهن لڳي سگهن ٿا پر پوسٽ مارٽم دوران نمرتا جي جسم تي ڪنهن به قسم جي تشدد جا نشان نه هئا، جاري ڪيل ابتدائي رپورٽ ۾ اختيار ڪيل موقف نمرتا جي ڀاءُ ڊاڪٽر وشال طرفان ڏنل بيان جي نفعي ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ جو نمرتا جي ڀاءُ چيو هو ته منهنجي ڀيڻ جي ٻانهن تي نشان موجود آهن.