اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ يونين ڪائونسلز، يونين ڪميٽيز ۽ وارڊز جي تڪبندين جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين جي ابتدائي فهرست 9 سيپٽمبر کان 22 سيپٽمبر تائين تيار ڪئي ويندي، 30 سيپٽمبر تي تڪبندين جي فهرست جاري ڪئي ويندي، 23 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين تڪبندين بابت داخل ڪرايل اعتراضن کي اُڪلايو ويندو، نوٽيفڪيشن موجب 23 آڪٽوبر کان 29 آڪٽوبر تائين حتمي فهرست تڪبندين جي حوالي سان جُڙيل ڪميٽي حوالي ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين جي حتمي فهرست 30 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي.