اليڪشن ڪميشن سنڌ جي وڏي وزير سوڌو صوبائي وزيرن ۽ پ پ ايم پي ايز جي اثاثن جا جاري ڪري ڇڏيا

سکر :-  اليڪشن ڪميشن سنڌ جي وڏي وزير سوڌو صوبائي وزيرن ۽ پ پ ايم پي ايز جي اثاثن جا به تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي تفصيلن موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي اثاثن جي مجموعي ماليت 22 ڪروڙ 88 لک رُپيا ڄاڻائي آهي، جِن مان 4 ڪروڙ 15 لک رُپين جي وٽس ملڪيت آهي، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 42 لک رُپين جون وٽس 2 گاڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي تفصيلن موجب مراد علي شاهه جي اڪائونٽ ۾16 ڪروڙ 89 لک رُپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي، سندس گهرواري وٽ هڪ ڪلو کان وڌيڪ سون آهي. اليڪشن ڪميشن جي تفصيلن موجب سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دُراني 6 ڪروڙ چاليهه لک رُپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. صوبائي وزير سعيد غني 2 ڪروڙ ۽ سهيل انور سيال 7 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪي ظاهر ڪئي آهي. اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جا 3 ڪلو سون سوڌو 37 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ اثاثا آهن. اُن کانسواءِ پ پ ايم پي اي شهلا رضا هڪ ڪروڙ 89 لک رُپين کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪياڻي آهي.