افغاني پناهگيرن جي نيڪالي ۽ جعلي ڊوميسائل رد ڪرڻ لاءِ دادو ۾ ريلي

دادو:- دادو ۾ سنڌ مان افغاني پناهگيرن جي نيڪالي ۽ جعلي ڊوميسائيل رد ڪرڻ لاءِ سنڌ عوامي سٿ جي سڏ تي مهر ڊٻائي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ريلي ميونسپل پارڪ دادو کان نڪتي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، ريلي ۾ دادو ضلعي جي مختلف شهرن جي سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، شاعرن سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سڄاڻ ڌرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جا نعرا هنيا، اڳواڻن مهر ڊٻائي، رياض علي کيمٽيو، خادم چانڊيو، گرمکداس، رحمت الله ٻلال، ذوالفقار جمالي، وريام سنڌي، راجا رفيق پنهور، عباس وگهيو، ڊاڪٽر جبار ٻٻر، مجيب پنهور، محمد چنا، شير ميمڻ، ڪامريڊ قادر بخش رودناڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ جيڪي ڌاريا پناهگير آيا آهن انهن کي هاڻي واپس وڃڻ گهرجي، هنن چيو ته پناهگيرن لاءِ ڪئمپون هونديون آهن پر هتي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پناهگير گهرن ۾ رهائي سنڌ سان جُٺ ڪئي وئي، پناهگيرن کي سنڌ ۾ رهائي سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سنڌ امن، پيار، محبت ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي جتي ڌارين اچي بدنام ڪري دهشتگردي ڦهلائي آهي، هنن چيو ته ڌارين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ خوشحالي اچي سگهي، ڌارين کي سنڌ ۾ ڊوميسائيل ۽ ڪارڊ ٺاهي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻي انهن کي هتي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن جنهن سبب سنڌ جا لکين نوجوان بيروزگار آهن، هنن چيو ته ڌارين جي سنڌ ۾ آبادڪاري سبب سنڌ ۾ بيروزگاري، بدحالي عروج تي آهي، هنن چيو ته 30 جون تي ڌارين جو مدو پورو ٿي چڪو آهي حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ڌارين کي واپس موڪليو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو