“افغانين کي سنڌ مان ڪڍو”: حيدرآباد ۾ ايس يو پي طرفان هڙتال

حيدرآباد :- سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران افغانين جي ڏيهه نيڪالي لاءِ  24 ڪلاڪن جي اعلانيل احتجاجي بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي، ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو،  امير علي ٿيٻو، جڳديش آهوجا، مير احمد مڱريو، خدا بخش، ڪامريڊ غفار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. جڏهن ته ان دوران جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن يڪجهتي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته افغانين جي سنڌ ۾ رهائش يا پاڪستان ۾ انهن جي پناهه جو هاڻ ڪو به جواز ناهي رهيو، گذريل ڪيتري عرصي کان افغانستان ۾ سياسي حڪومت جو قيام اچي چڪو آهي، افغانستان جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ معمول جي زندگي گذاري رهيا آهن، جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ افغانين کي فوري طور پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي، هنن چيو ته افغان شهري گذريل 35 کان 40 سالن کان سنڌ ۾ آباد آهن، جن جي سنڌ ۾ پناهه سبب ڪيترائي دهشتگري وارا واقعي پڻ ٿي چڪا آهن، جن ۾ هزارين بي هناهه شهري مارجي چڪا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 30 لک کان مٿي افغاني شهري رهي رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي پڻ بوجهه آهن، هنن چيو ته حڪمرانن سنڌ کي 70 سالن کان عالي يتيم خانو بڻائي پنهنجا مفاد حاصل ڪيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي وسيلن کان پڻ محروم رکي مهنگائي، بيروزگاري ۽ بد امني جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان افغان شهرين جي فوري طور ڏيهه نيڪالي يقيني بڻائي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي وسيلن جي مالڪي جو پڻ حق ڏنو وڃي