افتخار شالواڻي بدلي، سهيل راجپوت ڪمشنر ڪراچي مقرر

ڪراچي :-  سنڌ حڪومت ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي کي تبديل ڪري کيس مڪاني کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. افتخار شلواڻي کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي سهيل راجپوت کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪيو ويو. افتخار شلواڻي جي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري طور مقرري جو نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو. ذريعن موجب افتخار شلواڻي جي جاءِ تي سهيل راجپوت کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وڏي وزير جي منظوري بعد افتخار شلواڻي کي مڪاني کاتي جو سيڪريٽري ۽ سهيل راڄپوت کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب مڪاني کاتي جي سيڪريٽري روشن شيخ کي عدالت مان گرفتار ڪيو هو.