اعليٰ عدليه کي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ عدليه کي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، وزيراعظم جي صدارت ۾حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب وزيراعظم اجلاس دوران چيو ته ملڪي وقار ۽ قومي ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين، ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته عدليه تي دٻاءُ نوازليگ جو ماضي ۽ تاريخ آهي، هي نئون پاڪستان آهي، ان ۾ عدليه ۽ ججز آزاد آهن، حڪومت آڏو جوابده ناهن. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن حڪومتي قدمن تي اعتراض اٿاري سگهي ٿي، تنهنڪري جج جي وڊيو وارو معاملو عدليه تي ڇڏڻ چاهيون ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان چيو ته اعليٰ عدليه کي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو ليڪ ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، مبينا وڊيو جي فرانزڪ آڊٽ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته عدليه حڪم ڏئي. عدليه جيڪو فيصلو ڪندي، حڪومت سهڪار ڪندي.ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جيڪو به حربو استعمال ڪري، پر احتساب جو عمل جاري رهندو. نئين پاڪستان ۾ اپوزيشن جو ڪو به حربو ڪارگر ثابت نه ٿيندو. اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان معاشي قدمن تي حڪومتي موقف واضح انداز ۾ پهچائڻ جي هدايت جاري ڪئي.