اشرف غني افغانستان جو هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چوندجي ويو، باضابطا اعلان

ڪابل:- افغانستان جي آزاد اليڪشن ڪميشن گذريل سال سيپٽمبر ۾ رٿيل صدارتي چونڊ جو حتمي نتيجو جاري ڪيو ۽ اشرف غني جي ڪاميابي جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو جنهن سان گڏوگڏ ئي هو ٻيون ڀيرو افغاستان جو صدر چونڊجي ويو آهي.افغان اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ته گذريل سال 28 سيپٽمبر تي ٿيل چونڊن ۾ اشرف غني 9 لک 23 هزار 592 ووٽ يعني 50.64 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.هن جي حريف چيف ايگزيڪٽو عبدالله عبدالله 7 لک 20 هزار 841 ووٽ يعني 39.52 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.