اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري

ڪراچي : منع نامي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ باوجود ڪي ايم سي 2 ڏينهن اڳ ڪيفي سنڌ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. عدالت معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪي ايم سي کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. عدالت طرفان ڪي ايم سي جي ائنٽي انڪروچمينٽ انچارج ۽ ٻين واڳيل عملدارن کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري ڪيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل ڊويزنل بئنچ انيلا افغاني طرفان داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران اهڙا نوٽِسز جاري ڪيا. عدالت ڪي ايم سي انتظاميا کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.