اسٽيٽ بينڪ ايندڙ بجيٽ لاءِ حڪومت اڳيان مطالبا رکي ڇڏيا

ڪراچي:- اسٽيٽ بئنڪ حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ بئنڪن مان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ بجيٽ ۾ بئنڪن کان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ بئنڪاري جي شعبي تان سپر ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني آهي. مرڪزي بئنڪ طرفان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي موڪليل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته انفرادي ۽ ڪاروباري ماڻهن بئنڪن جو استعمال گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي بئنڪن مان روڪ رقم پري رکڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهن، تنهن ڪري ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ته جيئن رقم بئنڪن ۾ جمع ٿي سگهي ۽ پاڪستان جي مالياتي شعبن ۾ بهتري اچي سگهي. اسٽيٽ بئنڪ اها به تجويز ڏني آهي ته ڪارپوريٽ ٽيڪس شرح، جيڪا ٻين ڪمپنين سان بئنڪن تي لاڳو آهي، ان کي 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 29 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس واپس ورتو وڃي.