اسٽيل مل مان بي دخل ڪيل ملازمن جي گڏجاڻي تي پوليس رينجرز ڪڙڪي پئي: 6 ڄڻا کنڀجي ويا، ڌرڻو

ملير :-  وفاقي حڪومت پاران پاڪستان اسٽيل مل جي 9350 ملازمن کي نوڪري مان بيدخل ڪرڻ خلاف اعلانيل احتجاجي مظاهري جي لائحه عمل جوڙڻ واري گڏجاڻي تي پاڪستاني مارڪيٽ اسٽيل ٽائون ويجهو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ڪڙڪي پيا، سي بي اي چيئرمين سميت 6 پورهيت اڳواڻ کنڀي ڪري گم ڪري ڇڏيا، سوين پورهيتن جو ان عمل خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، اڳواڻن جي بازيابي ۽ پورهيتن کي نوڪري مان نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪرڻ جو مطالبو، وڏي وزير جي هدايت تي گرفتار پورهيت اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو، پورهيت اڳواڻن جي ڌرڻي ۾ پهچڻ تي ملازمن ۾ خوشي جي لهر، اڳواڻن کي ڪلهن تي کڻي گلن جي ورکاءَ، خبر موجب ؛ پاڪستان اسٽيل مل جي 9350 ملازمن کي نوڪري مان بيدخل ڪرڻ واري فيصلي خلاف پاڪستان اسٽيل مل جي مختلف ليبر يونين پاران اڄ اسٽيل ٽائون جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهري واري ڏنل ڪال تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاڪستاني مارڪيٽ اسٽيل ٽائون ۾ گڏجاڻي جاري هئي ته پوليس ۽ رينجرز جي وڏن اٽالن چڙهائي ڪري پورهيت اڳواڻن تي لٺ بازي ڪري انصاف ليبر يونين سي بي اي جي چيئرمين ياسين ڄامڙو، پورهيت اڳواڻ مرزا آصف بيگ، زاهد مختيار، راڻا قادر، افتخار عباسي سميت 6 ڄڻن کي اهلڪار کنڀي کڻي ويا، اهڙي اطلاع بعد پاڪستان اسٽيل مل جا سوين پورهيت گڏ ٿي پاڪستاني مارڪيٽ کان نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ لاءِ سوين پورهيت احتجاجي ريلي ڪڍي نڪري آيا، ريلي جي اڳواڻي پورهيت اڳواڻن جاويد سيٺار، شوڪت ڪورائي، سرور نيازي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جن کي پوليس اسٽيل ٽائون الله واري چورنگي تي گاڏين جي رڪاوٽون بيهاري ڇڏيو ته مظاهرين اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ويجهو ئي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، مظاهرين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان جڏهن حڪومت ۾ نه هو ته پاڪستان اسٽيل مل جي پورهيتن سان واعدو ڪيو هو ته پاڪستان اسٽيل مل کي هلايو ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ نجڪاري ۾ نه ڏنو ويندو پر اڄ ساڳئي وزيراعظم جي وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل مل جي 9350 ملازمن کي نوڪري مان بيدخل جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ پاڪستان اسٽيل مل کي نجڪاري ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ اسان کي قبول نه آهي، اڳواڻن چيو ته پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن جي نوڪري مان بيدخلي اسٽيل مل کي نجڪاري واري عمل خلاف اڄ اسان پرامن احتجاج جو اعلان ڪيو هوسين ته پوليس ۽ رينجرز پاڪستاني مارڪيٽ ويجهو پورهيت اڳواڻن جي هلندڙ ميٽينگ تي ڪڙڪي پئي، بيگناهه لٺبازي ڪري اسان جي 6 پورهيت اڳواڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسين پنهنجي پورهيت اڳواڻن جي بازيابي تائين احتجاج جاري رکنداسين ۽ وفاقي حڪومت جي ڪيل غلط فيصلي پاڪستان اسٽيل مل جي نجڪاري واري فيصلي خلاف اسان جو احتجاج جاري رهندو، هنن چيو ته پاڪستان اسٽيل مل جي پورهيت جي رضامندي کان بغير اسٽيل مل کي ڪوبه نجڪاري ۾ ڏئي نٿو سگهي، تنهن ڪري اسين مطالبو ڪيون ٿا ته پاڪستان اسٽيل مل کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي، جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائي ڇڏينداسين، پورهيت اڳواڻن سان پوليس اهلڪارن جون ڳالهين جو سلسلو وقفي وقفي سان هلندو رهيو پر مظاهرين جو اولين مطالبو هو ته اسان جي پورهيت اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي جنهن بعد وڌيڪ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ٻئي طرف وڏي وزير جي هدايت تي گرفتار پورهيت اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي، پورهيت اڳواڻ آزادي کانپوءِ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا، پورھيتن پاران آزاد اڳواڻن کي ڪلھي تي کڻي خوشي جو اظھار ڪري نعره ھنيا ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي، جڏهن ته پورهيتن جي سڀني ڌرين گڏجي ڌرڻو ختم ڪندي فيصلو ڪيو ته ايندڙ لائحه عمل جلد جوڙيو ويندو.