اسٽيل مل جو اڳوڻو چيئرمين90 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪيس مان بري ٿي ويو

ڪراچي :- 90 ڪروڙ ڪرپشن ڪيس ۾ اسٽيل مل جو اڳوڻو چيئرمين ثبوت نه ملڻ تي بري ٿي ويو ، ڪراچي جي احتساب عدالت اسٽيل مل جي اڳوڻي چئيرمين معين آفتاب شيخ سميت ٻين جي جوابدارن خلاف 90 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي .عدالت ٽبوت نه ملڻ جي ڪري اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ ،ڊائريڪٽر ڪمرشل پاڪستان اسٽيل مل ٽمين اصغر ۽ عبدالرشيد کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي .جوابدارن تي پنهنجي اختيارن جو غير قانوني استعمال ڪرڻ جو الزام ھو .جوابدارن ڪوئلي جو غير قانوني ٺيڪو ڏنو جنهن کان قومي ناڻي کي 90ڪروڙن جو نقصان ٿيو ھو .2010ع کان جاچ شروع ڪئي هئي .معين آفتاب تي ڪل 9 ريفرنس داخل آھن .جنهن ۾ ٻه جوابدار آزاد ٿي ويا آهي