اسٽيبلشمنٽ ڊويزن جو انوکو ڪارنامو، ساڍا ست مهينا اڳ فوت ٿيل پوليس آفيسر کي ڪورس لاءِ طلب

ڪراچي :- اسٽيبلشمنٽ ڊويزن نااهلي جي انتها ڪندي ساڍا ست مهينا اڳ لاڏاڻو ڪري ويل پوليس آفيسر کي ڪورس لاءِ طلب ڪري ورتو.اسٽيبلشمنٽ ڊويزن طرفان 17 جولائي تي گريڊ 18 جي 212 پوليس آفيسرن کي ڪورس جي فهرست جاري ڪئي وئي. ڄاڻايل آفيسرن کي 19 جولائي کان 22 نومبر تائين جاري 28 هين مڊ ڪريئر مئنيجمنٽ ڪورس ۾ پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ساڍا ست مهينا اڳ لاڏاڻو ڪري ويل ايس ايس پي حسيب افضل بيگ جو نالو به شامل آهي.مرحوم ايس ايس پي حسيب افضل بيگ جو نالو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ 30 هين نمبرتي آهي. ايس ايس پي حسيب افضل بيگ گذريل سال 3 ڊسمبر تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ سندس جنازي جي نماز ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام سميت اعليٰ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي هئي.ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ پوليس ايس ايس پي حسيب افضل جا دستاويز اسٽيبلشمنٽ ڏانهن نه اُماڻيا هئا.