اسلم آزاد به موڪلائي ويو

پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ دنيا جو اهڙو خطو آهي جتي اهل علم جي صدين کان وٺي کوٽ ئي ناهي، هن عظيم ڌرتي تي هر دور منجهه انمول هيرا املهه انسانن پئي جنم ورتو آهي، جن پنهنجي ڪردار سان جيجل سنڌ امڙ جو نالو هميشه جرڪايو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي اوائلي ٿڌڙين هوائن واري شهر حيدرآباد کي به اها فوقيت پڻ حاصل رهي آهي ته هن شهر جي جنم وٺندڙ شخصيتن پڻ پاڻ مڃرايو آهي، اهڙي ريت پڙهيل لکيل خاندان سان واسطو رکندڙ گهڻ رخي شخصيت ڪمپيئر ، ليکڪ، شاعر ، صحافي پنهنجي ڏات ذريعي فني صلاحيتن جو نهايت لاجواب نموني مظاهرو ڪندڙ نامور شخصيت جناب اسلم آزاد ڪورائي حيدرآباد جي معزز شخصيت محمد سليمان ڪورائي بلوچ جي گهر 28 آگسٽ 1950ع سومر جي ڀلاري ڏينهن اکيون کوليون. پاڻ جڏهن پڙهڻ واري عمر کي رسيو ته والدين کيس ٽريننگ اسڪول منجهه داخل ڪرايو تنهن بعد وڌاري تعليم پرائڻ واسطي هو نور محمد هاءِ اسڪول منجهه تعليم پرائيندو رهيو، جتان اسلم ڪورائي صاحب ميٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪيو بعد ۾ سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر جي سند ۽ گريجوئيشن تائين تعليم حيدرآباد مان وٺندو رهيو. شاگردي واري زماني ۾ پاڻ ڪاليج مان نڪرندڙ ميگزين جو سال 1967ع ۾ ايڊيٽر سال 1969ع ۾ وري ماهوار (بادل) جي ايڊيٽر طور زبردست نموني ڪم ڪندي نظر آيو، پاڻ صحافتي دنيا منجهه سال 1967ع کان وٺي پير پاتائين ۽ عبرت اخبار سان مسلسل چار سال نڀائيندو رهيو، تنهن بعد وري رواني هلال پاڪستان جي سينيئر سب ايڊيٽر طور به ڪم سرانجام ڏيندو رهيو، بعد ۾ وري ٽيليويزن پاڪستان سان سال 1980ع ڌاري سلهاڙجي ويو جتي هو ادبي پروگرام (وينجهار ) منجهه ڪمپيئر طور ڪم ڪندي نظر آيو. ان کان اڳ انهيءَ پروگرام جي ڪمپيئرنگ (ظفر حسن) ڪندو هو، پر سندس بيمار ٿيڻ کان پوءِ اها ذميواري اسلم آزاد ڪورائي جي پلئه پئي جيڪا هو سهڻي نموني سان ادا ڪندو رهيو.
اهڙي ريت عوامي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ويو، تنهن بعد وري پروگرام (پرک ) مقبوليت ۾ چوٽي جو داد مليو ۽ سندس ڪمپيئرنگ واري ابتدائي چيل لفظن (ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ واسين کي اسلم آزاد جو سلام قبول پوي) تمام گهڻي مقبوليت ۾ اضافو پڻ ڪيو، پاڻ ڪمپيئرنگ واري شعبي ۾ پاڻ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو پرک پروگرام کان علاوه اسلم آزاد ٽيليويزن تي ڪافي ججهي انداز ۾ پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو جن منجهه کٽڻهار، لطيفي لات، گهڙيال، وينجهار، اسٽوڊنٽ افيئرس ساراهه جوڳا پروگرام ڳڻبا آهن. اسلم آزاد پي ٽي وي کان علاوه ريڊيو پاڪستان تي به پاڻ مڃرائڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏيائين، جتان ڊراما، تقريرون ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ پيش ڪندو رهيو. اسلم آزاد ڪورائي کي پڻ اهو اعزاز حاصل رهيو هو جو هو (ٻه ڀيرا لوڪ ميلن) جي ڪمپيئرنگ ڪندي پنهنجي فن کي اجاگر ڪندو رهيو، کيس اهو به اعزاز حاصل رهيو ته پاڻ سال 1985ع واري اليڪشن جي نتيجن جي سڌي ريت لائيو ڪوريج ۾ ڪمپيئرنگ نهايت ذميواري سان نڀائيندي نظر آيو، کيس سال 1987ع ڌاري پروگرام لطيفي لات بهتر نموني ڪرڻ تي مڃتا طور پي ٽي وي ايوارڊ سان نوازيو هو، ان کان علاوه ٽيليويزن پاڪستان سلور جوبلي ايوارڊ (گولڊ ميڊل) سال 1990ع ڌاري پڻ مليو ان کان علاوه پاڻ بهترين شاعر، اديب ٿي گذريو، ڪيترن ئي اخبارن رسالن مئگرينن لاءِ لکندو رهيو. ادبي تحريرون رسالن اخبارن جي زينت بڻجنديون رهيون، سندس امڙ پڻ هڪ بهترين ليکڪه هئي پاڻ هڪ تصوف تي بهترين ڪتاب (آزاد خيالي) سنڌي ادب جي جهول منجهه ڏئي ويو آهي.
اسلم آزاد ڪورائي صاحب سال 1986ع ڌاري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي جيون ساٿي ميڊم نيلوفر ڀٽو صاحبه سان شادي ڪئي جيڪا پڻ درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙيل رهي، کيس الله تعالي هڪ پٽ مهراڻ ڪورائي ۽ ٻه نياڻيون سنڌو (سنڌراڻي) ۽ سارا سان نوازيو. اسلم آزاد زندگي جي آخري حصي دوران اڌ رنگ بيماري جي ور چڙهي ويو، جنهن کيس هڪ بستري جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو مسلسل ان بيماري سان جنگ ڪندي نظر آيو پر بيماري سندس جسم جي رت کي نپوڙي ڇڏيو، کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو پر طبيعت ۾ بهتري نه آئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نوٽيس وٺڻ بعد اسلم آزاد کي ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر بيماري سندس پيڇو نه ڇڏيو، پاڻ اڌ رنگ ۽ دل جي بيماري سبب 69 سال هڪ مهينو ۽ 11 ڏينهن زندگي جا گذاري گذريل ڏينهن 9 آڪٽوبر 2019ع تي هميشه لاءِ سنڌ واسين، پنهنجن دوستن ۽ گهر وارن کان موڪلائي وڃي ابدي آرامي   مٿيو. اسلم آزاد جون ادبي خدمتون سدائين ياد رهنديون

ليکڪ: ابراهيم لاشاري .