اسلام ڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙين سان لڄالٽ بعد قتل ڪرڻ ۽ نياڻين جي زبردستي مذهب تبديلي خلاف احتجاجي مظاهرو

اسلام ڪوٽ :- اسلام ڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙين جي لڄالٽ ۽ قتل وارن واقعن، هندو نارين جي زوري مذهب تبديلي ۽ ٿرڪول ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو آهي. هاري تحريڪ جي سڏ تي پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي مُک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ هاري تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻڻ چيو ته سنڌ اندر معصوم ٻارن سان جنسي ڏاڍائين جهڙا ڏوهه وڌي رهيا آهن، سنڌ جي ڌرتي معصوم ٻارن ۽ اقليتن کي ٽامو بڻائي وئي آهي. افسوس آهي جو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار اهڙن ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ڪوبه اثرائتو قدم ناهي کنيو، نه ئي وري سرڪاري نمائندا متاثرن ڏانهن لڙي ويا آهن. مظاهرين چيو ته اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح نٿي ڏني وڃي، اصولي طور تي وسيلن تي مالڪيءَ جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي، اسلام ڪوٽ ۾ ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر ڪمپنيءَ ۾ ٻاهران ماڻهو گهرائي اُنهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. اڳواڻن هندو نياڻين جي زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ واري عمل يج مذمت ڪندي چيو ته انسانيت حقن جي لتاڙ وارن ڪمن کي روڪڻ لاءِ سرڪار کي پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.