اسلام آباد ۾ منظور پشتين جي آزادي لاءِ احتجاج دوران پوليس ۽ سول اهلڪار محسن داوڙ ۽ ڪارڪنن کي تشدد ڪري گرفتار ڪري ويا

پاڪستان جي سياست ۾ فوجي معاملات تي ڳالهه ڪرڻ واري کي غدار قرار ڏنو ويندو آهي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهريان پشتون تحفظ مومنٽ جي رهنما منظور احمد پشتين اڳوڻي فوجي آمر  پرويز مشرف جي سزا واري معاملي تي پنهنجو خيال پيش ڪندي چيو هو ته هزارن جي تعداد ۾ پشتونن کي ملٽري ڪورٽن جي اندر تشدد ڪري موت جي سزا ڏئي فاسي تي لٽڪايو ويو ڇا اهو قانون مطابق عمل هو” پر هتي جڏهن مشرف کي سزا ٿي اچي ته ان کي قانونن غلط چيو وڃي ٿو

جنهن کانپوءِ ملڪي اداره ان ڳالهه تي ناراض ٿيندي پي ٽي ايم سربراهه منظور پشتين کي گرفتار ڪري 14 ڏينهن جي ريمانڊ هيٺ جيل موڪليو ويو، جنهن تي پي ٽي ايم جي ميمبران پنهنجو موقف سوشل ميڊيا تي ڏيندي چيو

بعد ۾ پي ٽي ايم اڳواڻ محسن داوڙ پارٽي اڳواڻن سان گڏ اسلام آباد پريس ڪلب آڏو پُرامن احتجاج ڪيو جنهن تي اچانڪ اسلام آباد پوليس ۽ سول اهلڪار گڏجي محسن داوڙ  ۽ علي وزير سميت 10 ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪري ويا