اسلام آباد ۾ لانگ مارچ نه پر ڌرڻو هڻنداسين، نواز ليگ سوڌو سموريون پارٽيون ڌرڻو هڻڻ تي متفق آهن:فضل الرحمان

ڪراچي := اسلام آباد ۾ لانگ مارچ نه پر ڌرڻو هڻنداسين، پيپلز پارٽي، نون ليگ سميت سموريون پارٽيون ڌرڻو هڻڻ تي متفق آهن: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان خانگي ٽي وي جَي اينڪر سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 2018ع واريون چونڊون، اسيمبليز ۽ موجوده حڪومت ڪنهن به ريت قبول ناهن، نااهل حڪمران ملڪ هلائڻ جِي صلاحيت نٿا رکن، لانگ مارچ ذريعي کين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، ٻئي پاسي پنجاب جَي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته 26 مارچ کانپوءِ 27 مارچ ٿيندو ۽ ڪجهه نه ٿيندو، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ ڪجهه نه ڪري سگهندڙ اپوزيشن مارچ ۾ به ناڪام ٿيندي