اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ ڇهين ڪلاس جو شاگرد فوت

اسلام آباد: وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي خانگي اسڪول ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ شاگرد مارجي ويو.

رپورٽ موجب واقعي کانپوءِ فوري طور تي ڇهين ڪلاس جي شاگرد کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.

جتي هن کي طبي امداد به ڏني وئي پر هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. نون سالن جو سعيد اسڪول مان موڪل کانپوءِ گهر اچي رهيو هو ته اسڪول ٻاهران چوڪيدار جي هٿان پسٽل مان گن هلي وئي.

پوليس سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شروعات جاچ ۾ ان کي حادثو قرار ڏنو پيو وڃي.